الطاف حسين جي تڪراري تقرير، چوڌري نثار پاران برطانيا سان رابطي جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جو چوڻ هو ته الطاف حسين گذريل ڏينهن پنهنجي تقرير ۾ تهذيب ۽ شرافت جون سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن سندس پاران فوج ۽ رينجرز خلاف گاريون سمجهه کان ٻاهر آهن، الطاف حسين جي تقرير جي معاملي تي تمام گهڻو صبر ڪيو پر هاڻي اُن تي برطانيه سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار الطاف حسين جي گذريل ڏينهن ڪيل تقرير تي ردعمل جو اظهار ڪندي بيان ۾ چيو آهي ته الطاف حسين پاران سيڪيورٽي ادارن خلاف بدترين زبان استعمال ڪئي وئي، الطاف حسين اسانجي دشمن ڀارت جي زبان استعمال ڪئي ۽ هن پنهنجي تقرير ۾ تهذيب ۽ شرافت جون سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون. سندس چڙ ڏياريندڙ تقرير ۾ آخري حدون پار ڪري ڇڏيون آهن. الطاف حسين جي معاملي تي هر طرح سان صبر جو مظاهرو ڪيو پر هاڻي سندس تقرير تي برطانيه سان ڳالهائڻ جو وقت اچي ويو آهي. چوڌري نثار علي خان چيو ته سيڪيورٽي ادارن خلاف بدزباني برداشت جوڳي ناهي، پرڏيهه مان دفاعي ادارن تي گارين جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، الطاف حسين جي صورتحال جي ذميوار فوج يا رينجرز ناهي، لڳي ٿو ته برطانيه ۾ سندس ڪرتوتن سبب گهيراءُ تنگ ٿي رهيو آهي اُن جي ڪاوڙ ۽ مايوسي پنهنجي ادارن تي ڪڍي رهيو آهي. وفاقي گهرو وزير چوڌري جو چوڻ هو ته اردو ڳالهائيندڙ ڪميونٽي مهذب ۽ تهذيب يافته آهي پر الطاف حسين سندن تذليل ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته الطاف حسين نائين تي زيرو خطاب ۾ چيو هو ته ڊي جي رينجرز سنڌ وائسرائي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ وزيراعظم نوازشريف جو ذاتي ملازم بڻجي پنهنجي بنيادي فرضن جي ادائيگي ۾ ڏوهراڻي غفلت جو مظاهرو ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *