ايم ڪيو ايم جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ سياسي پارٽين جي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ذريعن مطابق متحده قومي موومينٽ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي، اجلاس ۾ ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار جو چوڻ هو ته ڪابه اهم قانونسازي آئين سان ٽڪراءُ ۾ نٿي ٿي سگهي  جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ آئين جي آرٽيڪل 225 ۽ 189 جي ڀڃڪڙي هوندي، ذريعن مطابق ايم ڪيو ايم کان علاوه باقي سمورين پارٽين جوڊيشل ڪميشن جي حمايت ڪري ڇڏي آهي هوڏانهن ايم ڪيو ايم ڪراچي جي صورتحال تي وزيراعظم سان ملاقات جو وقت گهري ورتو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *