سپر اسٽار ماهره خان جي ترڪي ۾ مڱڻيءَ وارين خبرن ڌم مچائي ڇڏي آهي

 

استنبول (شوبز نيوز) سپر اسٽار ماهره خان جي ترڪي ۾ مڱڻيءَ وارين خبرن ڌم مچائي ڇڏي آهي. ڀارتي ميڊيا پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب ماهره خان ترڪي دوست جي شادي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ نه پر مڱڻيءَ لاءِ موجود آهي ۽ اتي هن پنهنجي ويجهي دوست سليم ڪريم سان مڱڻي به ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي ميڊيا ۾ ماهره خان جي تصوير به وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ سليم سان گڏ نهايت خوش نظر اچي رهي آهي. رپورٽ موجب تصوير هڪ پارٽي جي آهي، جتي ٻنهي هڪٻئي سان گڏ ڊانس به ڪئي. ماهره خان جي مڱڻي جي خبر سوشل ميڊيا تي طوفان جيان پکڙجي وئي آهي. ٻئي پاسي ماهره خان جي ويجهن ذريعن /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 26

مڱڻي جا افواهه رد ڪيا آهن. پاڪستاني ميڊيا موجب موجب ماهره جي ويجهن ذريعن اهي خبرون رد ڪيون آهن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *