اقتصادي راهداري منصوبو منصفاڻي طريقي سان نه جوڙيو ويو ته پنجاب خلاف نفرت وڌندي ۽ ان سان وفاق ڪمزور ٿيندو:عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبو منصفاڻي طريقي سان نه جوڙيو ويو ته پنجاب خلاف نفرت وڌندي ۽ ان سان وفاق ڪمزور ٿيندو. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پاڪ چين راهداري منصوبي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ گذريل ٻن سالن کان ڳالهيون هلي رهيون آهن پر حڪومت صوبن کي اعتماد ۾ ئي ناهي ورتو ۽ صوبائي حڪومتن کان منصوبي جو روٽ لِڪايو ويو. سندس چوڻ هو ته اقتصادي راهداري منصوبو چئني صوبن کي ڳنڍڻ جو زبردست موقعو هو پر حڪومت بلوچستان سميت پٺتي پيل علائقن ۾ غربت جي خاتمي لاءِ موقعو وڃائي رهي آهي. هن چيو ته شريف ڪٽنب سمجهي ٿو ته پنجاب مان 60 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪري حڪومت ٺاهي، ننڍن صوبن کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته وفاق خيبر پختون خواهه جي 80 سيڪڙو ترقياتي بجيٽ اڃا تائين جاري ناهي ڪئي. عمران خان چيو ته چشما رائيٽ بينڪ ڪئنال 20 سالن کان ناهي ٺهيو ۽ وفاق طرفان ان جي بجيٽ ٻئي هنڌ خرچ ڪئي ويندي آهي جنهن سبب خيبر پختون خواهه جو پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *