اقتصادي رابطا ڪميٽي3 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اقتصادي رابطا ڪميٽي ملڪ ۾ اٽي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي بُنيادن تي پرڏيهه مان 3 لک ٽن ڪڻڪ گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ناڻي کاتي جي ترجمان موجب پنجاب ۽ پاسڪو کي به ذخيرو ڪيل ڪڻڪ فوري طور جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.اقتصادي رابطا ڪميٽي طرفان اٽي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ 3 لک ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته پرڏيهه مان ڪڻڪ گهرائڻ لاءِ فوري طور لائسنس جاري ڪيا ويا ويندا، اُن حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ سوڌو ٻين سمورين لاڳاپيل بئنڪس کي ڪڻڪ امپورٽرز لاءِ ايل سي جون هدايتون به جاري ڪيون وينديون.ذريعن جو چوڻ آهي ته سامونڊي ٻيڙي ذريعي پرڏيهه مان ڪڻڪ گهرائڻ لاءِ ڪيماڙي بندرگاهه تي جاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي، عام طور تي اهي سمورا مرحلا طئه ڪرڻ لاءِ 15 کان 20 ڏينهن لڳي ويندي آهن، پر ملڪ ۾ اٽي جي بحران ۽ حڪومتي جي هنگامي فيصلن جي نتيجي ۾ اهي سمورا مرحلا 48 ڪلاڪن ۾ پورا ڪيا ويندا. ذريعن جو آهي ته وفاقي سرڪار جي فيصلي پٽاندڙ پلانٽ پروٽيڪشن ڊپارٽمينٽ کي ٻاهران گهرايل ڪڻڪ جي هنگامي بُنيادن تي ڪليئرنس ڏيڻ جي حوالي سان هدايتون جاري ڪيون وينديون.ٻئي پاسي وفاقي ناڻي واري وزارت جي ترجمان بيان جاري ڪندي چيو آهي ته اي سي سي اجلاس دوران پنجاب ۽ پاسڪو کي پنهنجي ذخيرن مان ڪڻڪ فوري جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، پاسڪو ۽ پنجاب جي ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي صورت ۾ اٽي جي کوٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ترجمان چيو آهي ته پرڏيهه کان گهرايل سموري ڪڻڪ پهچڻ جو مرحلو مارچ مهيني تائين پورو ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *