اقتصادي رابطا ڪميٽي گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس 190 سيڪڙو تائين مهانگي هوندي ۽ ٻين سمورين ڪيٽيگرين لاءِ گئس اگهن ۾ 31 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافي جي منظوري به ڏني وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گئس جا نوان اگهه پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندا. ذريعن موجب گئس اگهن ۾ واڌ آءِ ايم ايف جي شرطن ۾ شامل هئي، اگهن ۾ واڌ سان حڪومت کي 5 سئو ارب رپين کان وڌيڪ روينيو حاصل ٿيندو ۽ حڪومت ڊسمبر ۾ گئس اگهن جو ٻيهر جائزو وٺندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *