اقتصادي رابطا ڪميٽي پيٽرول جو اگھه 108 رپيا في ليٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پيٽرول جو اگھه 108 رپيا في ليٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پيٽرول جي اگھ ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي.   اي سي سي پيٽرول جو اگھه وڌائي 108 رپيا في ليٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني جڏهن ته ڊيزل جي اگھه ۾ في ليٽر 4.89 رپيا واڌ کي منظور ڪيو ويو آهي. اوگرام پيٽروليم جي اگهن ۾ 14 رپين تائين واڌ جي تجويز ڏني هئي پر وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان اگھن ۾ فوري واڌ کي رد ڪندي معاملو اي سي سي کي موڪلي ڇڏيو هو. ذريعن موجب اوگرا جي تجويز اگھه موجب واڌ ٿيڻ تي حڪومت کي پيٽرول جي مد ۾ 5 ارب رپين جو بار برداشت ڪرڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *