اقتدار مان نڪري عمران ذهني توازن وڃائي چڪو، ملڪ خلاف سازش پيو ڪري: آصف زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليمينٽريز جي صدر آصف علي زرداري عمران خان پاران قومي ادارن جي خلاف نفرت ڏياريندڙ مهم هلائڻ جي مذمت ڪندي ان کي احتساب کان بچڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش قرار ڏنو آهي پنهنجي ردعمل ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته عوام جي چونڊيل پارليامينٽ جي هٿان هڪ آئيني عمل جي ذريعي اقتدار جي تان هٽائڻ کان پوءِ عمران جي ذهني حالت خراب ٿي وئي آهي ۽ هاڻي قومي ادارن تي حملا ڪري رهيو آهي صدر آصف علي زرداري چيو ته قومي ادارن جي خلاف عمران خان جي زهر اوڳاڇڻ جي پٺيان ڪرپشن ڪيسز ۽ فارن فنڊنگ ڪيس جو ڊپ آهي جن ۾ سزا کان بچڻ لاءِ هڪ قومي ادارن کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي آصف علي زرداري چيو ته اقتدار جي لالچ ۾ عمران نيازي سمورا ليڪا لتاڙيندي جنهن حد تي وڃي رهيو آهي اها ملڪ کي هڪ دفعو ٻيهر ٻه ٽڪر ڪرڻ جي سازش لڳي ٿي هن چيو ته قومي ادارن جي خلاف سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ هلرائڻ کان علاوه عمران پاڻ جلسن ۾ ڪوڙ تي ٻڌل سازشي بيانئي جي ذريعي ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جنهن جي مذمت ڪريون ٿا هن چيو ته عمران خان ڪرسي لاءِ نفرت پکيڙي نه صرف پاڪستان جو نقصان ڪري رهيو آهي پر قومي ادارن جو به نقصان ڪري رهيو آهي جنهن کي برداشت نه ڪيو ويندو آصف زرداري چيو ته عمران جي انهن ئي حرڪتن جي ڪري گذريل پوڻن چئن سالن ۾ ملڪ ترقي ڪرڻ بدران پوئتي ويو. عمران خان ادارن کي بدنام ڪرڻ ۽ انهن ۾ ڏڦيڙ وجهڻ لاءِ جيڪا مهم هلائي آهي اها پاڪستان جي سلامتي لاءِ خطرناڪ آهي ۽ ان جو فائدو ملڪ دشمن طاقتن کي ٿيندو هن چيو ته پاڪ فوج نه رڳو پاڪستان جي سرحدن جي محافظ آهي پر آئين ۽ جمهوريت جو تحفظ به ان جي ذميواري آهي تنهنڪري فوج کي سياست ۾ گهيلڻ ۽ تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ملڪ سان کيڏڻ جي برابر آهي هن چيو ته ڪرسي تان لهڻ کان پوءِ چريو عمران نه صرف فوج کي ورهائڻ جي سازش ڪري رهيو آهي پر هو آئين کي پائمال ڪرڻ جي به ڪوشش ڪري رهيو آهي هن اهو به چيو ته ٻين کي غداري جا مهيڻا ڏيندڙ عمران نيازي پاڻ مير جعفر ۽ مير صادق جو ڪردار ادا ڪندي پاڪستان جي سلامتي کي داءُ تي لڳائڻ جي ناڪام ڪوشش ۾لڳل آهي جنهن جو نتيجو کيس پاڻ کي ڀوڳڻو پوندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *