اقبال ڊي تي تعليمي ادارا کليل رهڻ جو مقصد صرف نئين نسل تائين اقبال جو پيغام پهچائڻ، ٻيو مطلب نه وٺڻ گهرجي: پرويز رشيد

لاهور (اين اين آءِ) سڌسماءَ جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته اقبال ڊي جي موقعي تي تعليمي ادارن جو کليل هجڻ جو مقصد صرف نئين نسل تائين اقبال جو پيغام پهچائڻ آهي ان جو ڪوئي ٻيو مطلب نه وٺڻ گهرجي لامه اقبال صرف فڪر جو نه پر عمل جو انسان هو جنهن کي نه فقط پاڪستان پر دنيا جون ڪافي قومون فلسفي شاهر مڃن ٿيون علامه اقبال جو تصور پاڪستان ان جي فڪري نظام سان مربوط آهي جيڪو اقبال پيش ڪيو اسان جيڪڏهن اقبال جي فڪر ۽ فلسفي جي سچي تعبير ڪيون ته پاڪستان سياسي معاشي مذهبي ۽ معاشرتي لحاظ کان دنيا ۾ ممتاز مقام جو مالڪ ٿي سگهي ٿو علم جا سرچشما اسان وٽ آهن جڏهن ته ترڪي ۽ ايران ان مان فائدو وٺي رهيا آهن جڏهن ته اسان محروم آهيون اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن ايوان اقبال ۾ اقبال ڊي جي حوالي سان هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو تقريب ۾ پنجاب جو گورنر محمد رفيق رجوانا، سراج الحق، وليد اقبال، مجيب الرحمان شامي، عارف نظامي، ۽ سجاد مير پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ هر مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ وڏي انگ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته اقبال جي فڪر جو بنيادي مقصد انفرادي ۽ اجتماعي خودي کي مسلم معاشري جي روايتي تصورن کان هم آهنگ بنائڻو هو اقبال اسان کي درس ڏي ٿو ته اسان کي امن ڪيئن قائم ڪرڻو آهي ان جو فرمان هو ته مسلمان لاءِ نفرت جو لفظ بلڪل منع ٿيل آهي ڇو ته هو مثالي معاشري جو قيام ڀائپي رواداري ۽ برداشت سان آهي نڪي نفرت ۽ بغض سان آهي هن چيو ته مان اقبال کي اوهان جيترو ئي مڃان ٿو اوهان ماڻهن کان گهٽ آهيان ۽ اڄ هن تقريب ۾ سب کان پهريان انهيءَ ڪري آيو هيس ته جيئن اوهان جهڙا استاد ۽ دانشورن جو فلسفو اقبال تي ڪجهه ڳالهيون ٻڌي سگهان ۽ مان انهيءَ انتظار ۾ رهيس ۽ اوهان ماڻهن جون تقريرون خودي جي فلسفي بدران موڪل جي فلسفي تي شروع ٿي ويون ۽ مون کي لڳي ٿو ته اڄ مان اهو ئي ٻڌي ويندس هن چيو ته اقبال ڊي تي موڪل ڪرڻ گهرجي يا نه جيڪڏهن عوام جو مطالبو هوندو ته ضرور موڪل ٿيندي پر اقبال ڊي جي موقعي تي تعليمي ادارن جو کليل رهڻ جو مقصد صرف نئين نسل تائين اقبال جو پيغام پهچائڻ آهي ان جو ڪوئي ٻيو مطلب نه وٺڻ گهرجي. امير جماعت اسلامي سراج الحق تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته علامه اقبال صرف هڪ فرد نظريو فلسفي يا عقيدي جو نالو نه آهي پر هي هڪ جدوجهد جو نالو آهي، هڪ تحريڪ جو نالو آهي ۽ انسانيت سان محبت جو نالو آهي انهيءَ ڪري حڪومت اقبال جي نظرين جي وارث نه بڻي پر پاڪستان جو 18 ڪروڙ عوام ان جو وارث آهي اقبال جي شاعري نوجوان نسل لاءِ سرمايو آهي ۽ اسان جو نوجوان اقبال جي مشن کي پنهنجي منزل تي ضرور پهچائنيدا هن چيو ته حڪومت اقبال جي موڪل ختم ڪري سٺو ناهي ڪيو جڏهن ته پهرين مئي تي آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ مزودر جي عزت ۽ احترام لاءِ ملايو ويندڙ سڄي دنيا ۾ ملهايو وڇي ٿو ته اقبال جي ڏينهن تي موڪل ڪري ڇو نٿو ملهائي سگهجي هي اقبال کي يقين ۽ مظلوم بنائڻ جي بابر آهي پر اقبال موڪل جو مهتاج نه آهي اقبال نئين نسل جي دلين ۾ وسي ٿو جيستائين نوجوان نسل زنده آهي اقبال زنده رهندو تقريب جي پڄاڻي تي سراج الهق دعا ڪرائي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *