اقامي تي نااهلي جي فيصلي سان پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان پهتو: نواز شريف

لنڊن (ويب ڊيسڪ): اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪيتري جانبداري هجي، عدالتن ۽ احتساب کي منهن ڏيندس، مسلم ليگ ن جي صدر نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ڊاڪٽرز سار سنڀال لاءِ ڪلثوم سان گڏ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪلثوم جي ضرورت باوجود عدالتن کي منهن ڏيڻ پاڪستان اچي رهيو آهيان، هن چيو ته سسلين مافيا ۽ گاڊ فادر جا ريمارڪس ڏيندڙ عدالت کي بهادري سان منهن ڏنو، اقامي تي نااهلي جي فيصلي سان پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان پهتو، هن چيو ته پاناما معاملي تي منهنجي خلاف ڪجهه نه مليو، شريف خاندان جي آمدني جا ذريعا ۽ وسيلا 1937 کان هلندا پيا اچن، احتساب جي نالي تي نشانو بڻائڻ ناقابل قبول آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *