اقامو معاملو: 3 وفاقي وزيرن جي نااهلي جا ريفرنس اسپيڪر ڏانهن موڪليا ويا

اسلام آباد  (اين اين آءِ) وفاقي ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار ، خواجا آصف ۽ احسن اقبال پاران يو اي اي جو اقامو ظاهر نه ڪرڻ ان جي نااهليءَ جو رفرنس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڏانهن موڪليو ويو آهي، نجي ٽي وي موجب جوِڊيشنل ايڪٽ اسلام آباد پينل پاران اظهر صديق اسحاق ڊار، خواجا آصف ۽ احسن اقبال کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڏانهن موڪيو ويو، ان ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اسحاق ڊار، خواجا آصف ۽ احسن اقبال پنهنجن ڪاغذن ۾ پنهنجي پرڏيهي نوڪري کي ظاهر نه ڪيو ان کانسواءِ ٽنهي وزيرن پنهنجن ڪاغذن ۾ پگھآر به ظاهر نه ڪئي اقامو ۽ پگھار ظاهر نه ڪرڻ تي قومي اسيمبلي جي رڪنيت جي اهل نه آهن، 1976 ايڪٽ جي تحت ٽنهي وزيرن کي ٽي سال سزا ٿي سگھي ٿي ان لاءِ انهن کي آئين جي آرٽيڪل 63 جي تحت نااهل قرار ڏنو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *