افغان پناهگيرن جي واپسيءَ تائين عسڪريت پسندي جي خاتمي جي ضمانت نٿا ڏئي سگهون: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان مهاجرن جي واپس وڃڻ تائين عسڪريت پسندي جي ختم ٿيڻ جي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي، اسان امن ڳالهين ۾ سهولت جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪئي آهي، معاملي تي سڄو ملڪ هڪ پچ تي آهي، پاڪستان ۾ عسڪريت پسندن جي ڪا به پناهگاهه نه آهي، افغانستان جو تڪرار اسان جي مفاد ۾ نه آهي، افغانستان ۾ انساني بنيادن تي امن چاهيون ٿا، سومر تي ملڪ ۾ 40 سالن کان رهندڙ افغان مهاجرن جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته گذريل 20 سال پاڪستان جي عوام لاءِ ڏکيا رهيا پر اسان ڏکين حالتن جي باوجود لکين افغانين جي ميزباني ڪئي، عمران خان چيو ته پاڪستان افغان مهاجرن جي ميزباني جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي خوشي ملهائي رهيو آهي، هن چيو ته مان ائين ان ڪري چئي رهيو آهيان ڇو ته دنيا ۾ اڪثر ائين ناهي ٿيندو ته مهاجر اهڙي اعزاز سان رهن ۽ ميزبانن گذريل 20 سالن ۾ معاشي چئلينجز جي باوجود مهاجرن سان بهتر تعلق قائم رکيو هجي، وزيراعظم چيو ته هن صورتحال جو هڪ خوشگوار اثر اهو آهي ته پاڪستان ۾ ڪيترن ئي سالن کان ڪرڪيٽ ڏسڻ کانپوءِ هاڻ افغانستان جي انٽرنيشنل ٽيم به آهي. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ پرامن حل لاءِ پاڪستان ۾ حڪومت ۽ سمورا ادارا گڏ آهن، اسان سمورين ڏکيائين جي باوجود لکين افغان مهاجرن جي ميزباني نه ڇڏي، افغانستان ۾ بدامني ڪنهن به طرف پاڪستان لاءِ درست ناهي، دعا آهي ته امن ڳالهيون ڪامياب ٿين، پاڪستان ۾ دهشتگردن جو هاڻ هڪ به ٺڪاڻو نه آهي، ڀارت ۾ شهريت جي تڪراري قانون سان 20 ڪروڙ مسلمانن کي نشانو بڻايو ويو آهي، گڏيل قومون ڀارت ۾ انتهاپسند قدمن جو نوٽيس وٺي، افغانستان ۾ امن ٿيندو ته علائقائي واپار وڌندو جنهن مان خطي جا سمورا ملڪ فائدو حاصل ڪندا، سومر تي هتي 40 سالن کان رهندڙ افغان مهاجرن جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته افغانستان جي ٻارن پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ سکي، افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم عالمي ٽيم بڻجي وئي آهي، هن چيو ته افغانستان جو عوام امن چاهي ٿو ۽ اسان افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا، دعا آهي ته افغانستان ۾ امن ڳالهيون ڪامياب ٿين، اسان وٽ افغان مهاجرن جون ڪيتريون ئي ڪيمپون آهن، هر هڪ کي چيڪ نٿو ڪري سگهجي، ڀارت جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن چيو ته اڄوڪو وزيراعظم نهرو ۽ گاندي جو نه آهي، اڄوڪو ڀارت جي آڊيالاجي نفرت تي ٻڌل آهي ۽ انتهاپسداڻي سوچ هاوي آهي، ڀارت ۾ شهريت جي تڪراري قانون سان 20 ڪروڙ مسلمانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، عمران خان چيو ته نازي ازم وانگر ڀارت ۾ وڌندڙ انتهاپسندي خطرناڪ آهي، گڏيل قومون ڀارت ۾ انتهاپسند قدمن جو نوٽيس وٺي، وزيراعظم چيو ته ڇا هڪ ارب جي آبادي وارو وزيراعظم ۽ آرمي چيف ايترو غير ذميواراڻو بيان ڏئي سگهي ٿو، هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري جو ڌيان ڀارت ڏانهن ڇڪرائڻ چاهيان ٿو، گڏيل قومن ڀارت ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو ته صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي، ڀارت ۾ نفرت تي ضابطو نه ڪيو ويو ته وڏي پيماني تي رتو ڇاڻ ٿي سگهي ٿي، هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ مودي جي سوچ 80 لک ڪشميرين کي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي گڏيل قومن سميت عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. عمران خان چيو ته سخاوت جو بينڪ بيلنس سان ڪو به واسطو نه آهي، اسلام اسان کي اخوت ۽ انسانن کي گڏ ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو، عمران خان چيو ته اهو منهنجو مڃڻ آهي ته گذريل 40 سالن ۾ افغانستان جو عوام ٻين ڪميونٽي جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گهڻو متاثر ٿيو آهي، دلي دعا ڪريان ٿو ته افغانستان ۾ امن ڳالهيون ڪامياب ٿين، هن چيو ته اسان امن ڳالهين ۾ سهولت جي ڪوشش ڪئي آهي، زلمي خليل زاد ڄاڻي ٿو ته سڄو ملڪ هڪ پچ تي آهي، اسان جي سيڪيورٽي فورسز هڪ پچ تي آهي، اسان افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا، گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري جو ڌيان ڀارت ۽ والاريل ڪشمير ڏانهن ڇڪائيندو وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي دنيا ۾ قومپرست پارٽيون، هڪ ٻي انساني برادري کي پنهنجن مسئلن جو ذميوار قرار ڏيندي سامهون اچي رهيون آهن ۽ ڀارت ۾ مسلمانن کي نشانو بڻائيندڙ 2 قانون متعارف ڪرايا ويا جيڪي مستقبل اسان جي ملڪ لاءِ وڏي پريشاني جو سبب بڻجندا، ڇو ته هتي مهاجرن جو هڪ وڏو مسئلو موجود آهي، گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيوگوتريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته دنيا کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته افغان مهاجرن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان لاءِ عالمي حمايت تمام گهٽ رهي آهي، هن چيو ته اسان ٻڌي ۽ همدردي جي ذڪر جوڳي ڪهاڻي جو اعتراف ڪرڻ لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون، ائين ڪرڻ اهم آهي ڇو ته هي ڪهاڻي ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري چيو ته 40 سالن کان پاڪستان افغان مهاجرن لاءِ پنهنجا دروازا کولي ڇڏيا، هن چيو ته 40 سالن کان افغانستان جو عوام مسئلن جي ور چڙهيل آهي، پاڪستان ۾ افغان مهاجرن جي 40 سالن جي ميزباني جي ڳالهه ڀائراڻا لاڳاپا ۽ قرباني جي جذبن تي ٻڌل آهي، هن چيو ته 40 سالن کان افغانستان جي عوام ڪيترائي بحران ڏٺا آهن، جڏهن ته پاڪستان جي عوام انهن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *