افغان مهاجرن جي وطني واپسي لاءِ افغانستان ۾ جٽادار امن بنيادي شرط آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان مهاجرن جي وطني واپسي لاءِ افغانستان ۾ جٽادار امن بنيادي شرط آهي، پاڪستان ۽ افغانستان جو تعلق گڏيل مذهب، ثقافت ۽ قدرن تي قائم آهي، افغان مهاجرن جي وطن واپسي سان پاڪستان معاشري ۾ بحالي لاءِ عالمي سهڪار جي سخت ضرورت آهي، افغان مهاجرن کي بينڪ اڪائونٽ کولڻ جي اجازت ڏيڻ جو تازو قدم فائديمند آهي، جنهن سان ان جي معاشي هم آهنگي ۾ مدد ملندي، سومر تي پاڪستان ۾ چاليهه سالن کان رهندڙ افغان مهاجرن جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته افغان مهاجرن جي وطن واپسي لاءِ افغانستان ۾ جٽادار امن بنيادي شرط آهي، هن چيو ته پاڪستان 40 سالن کان 30 لک رجسٽرڊ ۽ اڻ رجسٽرڊ مهاجرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، هن چيو ته افغان مهاجرن کي هن سال به ڪانفرنس مان ڪيتريون ئي اميدون آهن، هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جو تعلق گڏيل مذهب، قدرن ۽ ثقافت تي قائم آهي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، افغان امن عمل جي حمايت جاري رکندو، هن چيو ته پاڪستان 22 سالن جي ڊگهي عرصي تانئين افغان مهاجرن جو سڀ کان وڏو ميزبان رهيو آهي، افغان مهاجرن کي بينڪ اڪائونٽ کولڻ جي اجازت ڏيڻ جو تازو قدم فائديمند آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *