افغان طالبان شوريٰ مُلا عمر جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، مُلا اختر محمد منصور نئون امير مقرر

ڪابل (مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغان طالبان شوريٰ مُلا عمر جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، مُلا عمر جي جاءِ تي مُلا اختر محمد منصور افغان طالبان جو نئون امير مقرر، مُلا اختر طالبان سربراهه مُلا عمر جو نائب هو.. افغان طالبان جي شوريٰ جو اجلاس گذريل شام ٿيو، جنهن ۾ طالبان شوريٰ جي اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي. افغان طالبان جي هڪ اهم اڳواڻ پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي مُلا عمر جي مارجڻ جي تصديق ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان ملا اختر محمد منصور کي ملا عمر جي جاءِ تي نئون امير مقرر ڪيو ويو. افغان طالبان جو موقف سامهون آيو آهي ته مُلا عمر 2013 ۾ دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو هو. مُلا اختر محمد منصورر 1996 کان 2001 تائين افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت دوران سول ايوي ايشن جو وزير رهي چڪو آهي، طالبان جو اهم ڪمانڊر مُلا اختر مُلا عمر جو نائب هو. ڪنڌار واسي مُلا اختر مُلا عمر جي تمام ويجهو هو، جنگ سميت سمورن فيصلن ۾ مُلا اختر جي رضامندي اهم سمجهي ويندي هئي، اهم فيصلا سندس رضامندي سان ٿيندا هئا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *