افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ سڌو سئون ڳالهيون،پاڪستان ميزباني جي حامي ڀري ورتي

اسلام آباد(م.ڊ)افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ پهريون ڀيرو سڌو سئون ڳالهيون مارچ جي پهرين هفتي ٿينديون،پاڪستان ميزباني جي حامي ڀري ورتي.افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ پهريون ڀيرو سڌو سئون ڳالهيون مارچ مهيني جي پهرين هفتي ۾ ٿينديون،ڪابل ۾ افغان مفاهمتي عمل جي لاءِ چار ملڪي ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪ افغان ڪميٽي ٻنهي ملڪن جي عالمن جي حمايت حاصل ڪندو.افغانستان جي گادي واري شهرڪابل ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾  چين،آمريڪا ۽ افغانستان جا نمائندا به شامل ٿيا.اجلاس ۾ شامل ٿيندڙن امن لاءِ اشرف غني حڪومت جي عزم جي واکاڻ ڪئي.جڏهن ته عالمن جي حمايت لاءِ پاڪ افغان گڏيل ورڪنگ گروپ جي به واکاڻ ڪئي وئي.جاري ڪيل بيان مطابق افغانستان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين جي دور کانپوءِ تڪڙوئي اسلام آباد ۾ هڪ ٻيو اجلاس گهرايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *