افغان آرمي چيف ۽ ايساف ڪمانڊر جي جنرل راحيل سان ملاقات، طالبان خلاف ڪارروائي تي اتفاق

راولپنڊي (بيورو) افغان آرمي چيف ۽ ايساف ڪمانڊر پاڪستان پهچڻ بعد آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي آهي، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ٻنهي ڪمانڊرز پشاور سانحي تي افسوس جو اظهار ڪندي طالبان خلاف ڪارروائي  جي خاطري ڪرائي آهي. آءِ ايس پي آر موجب، افغان آرمي چيف جنرل شير محمد ڪريمي ۽ ايساف ڪمانڊر جون هيئل  پاڪستان پهچڻ بعد جي ايڇ ڪيو راولپنڊي جو دورو ڪيو. ايساف ڪمانڊر ۽ افغان فوج جي سربراهه شير محمد ڪريمي، آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻنهي ڪمانڊرز پشاور سانحي تي افسوس جو اظهار  ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، ٻنهي ڪماندرز طالبان خلاف ڪارروائي جي خاطري ڪرائي آهي. ملاقات دوران ڳالهائيندي نيٽو ڪمانڊر چيو ته افغان آرمي ۽ اتحادي فوج آپريشن تيز ڪري ڇڏيو آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان سان هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو. ذريعن موجب، آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته افغان سرحد وٽ طالبان خلاف آپريشن ۾ سهڪار ڪيو ويندو،دهشتگردي خلاف انٽيليجنس شيئرنگ تيز ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *