افغانين کي سنڌ ۾ ترسائڻ بابت خبرون بي بنياد آهن: مراد علي شاھھ

راڻيپور (م.ڊ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آھي تھ افغانين کي سنڌ ۾ ترسائڻ بابت خبرون بي بنياد آهن، اسان ڪوبه اهڙو ڪم نه ڪنداسين، جنهن سان سنڌ کي نقصان پهچي. سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه راڻيپور ۾ پير رفيق شاهه جي لاڏاڻي تي تعزيت بعد صحافين سان ڳالھائيندي چيو تھ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، آبادگارن جا فصل تباهه ٿي رهيا آهن، ارسا ۽ وفاقي حڪومت سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ڏئي رهيون آهن، پيپلز پارٽي صوبي جي حقن تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندي، سنڌ پوليس جون پگهارون ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن. وفاقي حڪومت ۽ ارسا جي ظلم سبب سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، آبادگارن جا فصل تباهه ٿي رهيا آهن، سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي صوبي جي حقن تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *