افغانستان ۾ 20 سالھ ڊگھي جنگ جو خاتمو، آمريڪا افغانستان مان نڪري ويو، طالبان جو جشن

ڪابل (ويب ڊيسڪ) آمريڪا افغانستان مان پنهنجي  فوج کي ڪڍڻ جو عمل ڊيڊ لائين کان اڳ ئي مڪمل ڪري ورتو. آمريڪا افغانستان مان نڪرڻ واري عمل ڊيڊ لائين کان اڳ ئي مڪمل ڪري ورتو ۽ اتي موجود آخري آمريڪي فوجي به رات 12 وڳي کان اڳ ڪابل ايئر پورٽ کان روانو ٿي ويا. ڪابل جي آخري آمريڪي اڏام جي روانگي جو اعلان طالبان ڪيو جنهن کان پوءِ آمريڪي اختيارين برطانوي خابرو اداري رائيٽر کي تصديق ڪئي ته آمريڪا افغانستان نڪرڻ جو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي. ان آخري اڏام سان گڏ ۽ 11 سيپٽمبر جي حملن کان پوءِ افغانستان ۾ شروع ٿيل 20 سالن جي آمريڪي مهم ختم ٿي وئي. ان ڊگھي ترين جنگ ۾ تقريبن 50 هزار افغان شهري، 2500 آمريڪي فوجي، 66 هزار افغان فوجي ۽ پوليس اهلڪا، 457 برطانوي فوجي ۽ 50 هزار طالبان ۽ ٻيا آمريڪا مخالف ويڙهاڪ مارجي ويا. افغان جنگ جي نگراني 4 آمريڪي صدرن ڪئي جڏهن ته ان تي هڪ اندازي موجب 2 کرب ڊالر خرچ ٿيا. جنگي خرچ پورا ڪرڻ لاءِ قرض جي مد ۾ ورتل تقريبن رقم آمريڪا جي ڪيترن ئي نسلن کي وياج جي مد ۾  6 کرب ڊالر ادا ڪرڻي پوندي . پينٽاگون به آمريڪا جي افغانستان مان نڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي موجب آمريڪي فوج جي نڪرڻ تي سنيئر طالبان اڳواڻ جو چوڻ هو ته اسان تاريخ لکي آهي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه جنرل مڪينزي بريفنگ ڏيندي چيو ته افغانستان مان آمريڪي فوج جي نڪرڻ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي آمريڪا جو آخري جهاز سي 17 ڪابل کان روانو ٿي ويوآهي. هن چيو ته افسوس آهي ته نڪرڻ جي عمل جي پڄاڻي جي آخري ڏينهن ۾ 13 آمريڪي جانيون زيان ٿيون. سندس چوڻ هو ته آمريڪي فوج خطرن آڏو جرت ۽ همٿ جو مظاهرو ڪيو، افغانستان ۾ آمريڪي فوج کي داعش مان شديد خطرو هو. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه چيو ته اسان 6 هزار کان وڌيڪ آمريڪي شهرين کي افغانستان مان ڪڍيو جڏهن ته رڳو آمريڪي شهري نه پر ٻين ملڪن جي شهرين کي به افغانستان مان ڪڍيو. ان کان سواءِ فرانسيسي خابرو اداري موجب ڪابل شهر ۾ آمريڪي فوج جي نڪرڻ تي جشن ملهائيندي طالبان چوڪين تان فائرنگ جا آواز به ٻڌا ويا آهن. طالبان جي آمريڪا کي نڪرڻ جي ڊيڊ لائين واضح رهي ته گذريل ڏينهن طالبان چيو هو ته 31 آگسٽ تائين آمريڪا پنهنجي نڪرڻ جو عمل مڪمل ڪري ۽ جيڪڏهن 31 آگسٽ کان پوءِ به آمريڪي فوجي افغانستان ۾ موجود رهيا ته ان کي قبضي ۾ واڌ سمجهو ويندو ۽ نتيجن جا ذميوار پاڻ هوندا. طالبان اهو به چيو هو ته جيستائين هڪ به آمريڪي فوج افغانستان ۾ موجود آهي نه حڪومت جو اعلان ڪنداسين نه ڪابينا جوڙينداسين. آمريڪي صدر جو بائيڊن به 31 آگسٽ تائين آمريڪي فوج جي افغانستان مان نڪرڻ واري عمل جي مڪمل ٿيڻ تي اميد ظاهر ڪئي هئي ۽ هاڻ آمريڪا افغانستان مان نڪرڻ جي ڊيڊ لائين کان اڳ ئي عمل کي مڪمل ڪري ورتو آهي. آمريڪي صدر اڱاري ڏينهن قوم کي خطاب ڪندو افعانستان ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي ۾ واڌ ڏيڻ بابت آمريڪي صدر اڱاري ڏينهن قوم کي خطاب ڪندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *