افغانستان ۾ عوام جي مرضي جي حڪومت هجڻ گهرجي، عمران خان سدائين چيو ته ويڙهه مسئلي جو حل ناهي : صدر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي طالبان جي حمايت جي خبرن تي وضاحت ڏئي ڇڏي. ترڪي جي سرڪاري ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي صدر عارف علوي چيو ته افغانستان ۾ عوام جي مرضي جي حڪومت هجڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان سدائين چيو ته ويڙهه مسئلي جو حل ناهي، افغان عوام طالبان جي آجيان ڪئي آهي، عوام جي مرضي سان ٺهندڙ حڪومت جي حمايت ڪنداسين. هن چيو ته افغانستان جو پاڙيسري ملڪ هجڻ جي حيثيت سان پاڪستان جي اهميت آهي، پاڪ آمريڪا لاڳاپا سدائين سٺا ۽ مضبوط رهيا آهن، ڪو به ملڪ افغانستان جي اڳوڻي حڪومت جي زوال جو ذميوار ناهي، افغانستان جي نئين سر تعمير لاءِ عالمي برادري کي اڳتي اچڻ گهرجي، طالبان ضمانت ڏني آهي ته افغان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال نه ٿيندي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ترڪي جو ڪيترن ئي معاملن ۾ ساڳيو موقف آهي، ٻنهي ۾ مثالي دوستي آهي ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن ۾ افغان مسئلي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، افغانستان ۾ ڪنهن به قسم جي رتوڇاڻ نه ٿيڻ گهرجي، منهنجي خيال ۾ افغان عورتن سان امتيازي ورتاءُ نه ڪيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *