افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان پنهنجو مفاهمتي ڪردار ادا ڪندو رهندو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان پنهنجو مفاهمتي ڪردار ادا ڪندو رهندو، خطي ۾ تعمير ۽ ترقي جو عمل افعانستان ۾ امن قائم ڪرڻ سان مشروط آهي.  پاڪستان لاءِ آمريڪي سفارتخاني جي انچارج پرڏيهي آفيس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي.  ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ خطي جي سڪيورٽي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.  ملاقات دوران ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته سموري خطي ۾ تعمير ۽ ترقي جو عمل افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ سان مشروط آهي، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *