افغانستان ۾ اشرف غني حڪومت ختم ٿيڻ سان ڀارت کي شڪست ملي:شيخ رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ سياسي صورتحال کان پوءِ ڀارت کي هار ٿي آهي، ڪابل ۾ ڀارتي قونصل خانا اسلام آباد جي خلاف استعمال ٿي رهيا هئا. ڀارت سي پيڪ جي خلاف سازشن ۾ ملوث آهي، تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ بي ايل ايف کي استعمال ڪري رهيو آهي، پاڪستان تي افغان پناهگيرن جو ڪوئي بار نه آهي. تازو ئي پنجن ڏينهن ۾ چمن جي رستي بزنس ۾ واڌ ٿي آهي، پاڪستان سڌي طرح افغانستان جي ڪنهن مسئلي ۾ ملوث نه آهي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وزيراعظم عمران خان افغانستان جي سياسي صورتحال تي قوم کي خطاب ڪندو مولانا فضل الرحمان حالتن کي سمجهي اپوزيشن جلسن جلوسن بدران اليڪشن جي تياري ڪري تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد احمد واضح ڪيو ته سي پيڪ سان لاڳاپيل 40 ڪمپنين جي سيڪيورٽي فوج وٽ آهي جڏهن ته هڪ کان وڌيڪ چيني ڪمپنيون پاڪستان جي ترقي ۾ شامل آهن ۽ گذريل ڏينهن جي ڪابينه اجلاس ۾ انهن کي به سيڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو ٿيو آهي هن چيو ته اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ آمريڪا جا اتحادي هجڻ جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، اسان تاريخي ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ سياسي صورتحال کان پوءِ طورخم ۽ چمن جي رستي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ 65 سيڪڙو تائين ڪاروباري سرگرمين ۾ واڌ ٿي هن چيو ته افغانستان مان 15 کان 24 آگسٽ دوران اٽڪل 2500 ماڻهن کي پاڪستان آندو آهي جنهن ۾ 500 ماڻهو ٻين ملڪن ڏانهن ويندا جڏهن ته 1500 ماڻهو طورخم جي رستي ملڪ ۾ داخل ٿيا آهن هن چيو ته جيڪي ماڻهو پاڪستان آيا آهن گهرو وزارت جو ڪم آهي ته کين طورخم سرحد تائين پهچائي پوءِ اهي ڄاڻن ۽ انهن جو ڪم ڄاڻي پاڪستان تي پناهگيرن جو ڪو بار نه آهي، شيخ رشيد چيو ته افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ کان پوءِ رتوڇاڻ ناهي ٿي جيڪا ڳالهه سٺي اهي جڏهن ته اتي پڙهائي وارو ماحول به شروع ٿي چڪو آهي اسان جو طالبان سان معاملو طئي آهي ته سندن سرزمين پاڙيسري ملڪن جي خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿيندي ۽ نه ئي اسان ان جي اجازت ڏينداسين هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سرسبز شاداب پاڪستان ڏسڻ چاهي ٿو سي ڊي اي 22 ڪنال زمين قبضا گروپ کان خالي ڪرائي هن چيو ته عمران خان اهڙو ماڻهو آهي جيڪو 10 سال پهريان سوچي ٿو اپوزيشن 10 سالن کان پوءِ سوچي ٿي هن چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان کي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي اجازت نه ڏينداسين هن چيو ته سي پيڪ ۾ ڪم ڪندڙ چيني رهواسين کي سيڪيورٽي ڏينداسين گهرو وزارت ۾ سموريون ايجنسيون 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيون آهن اسلام آباد جي سيڪيورٽي لاءِ انتظام ڪنداسين هن چيو ته پي ڊي ايم انڊر 19 آهي ڪجهه نه پيو ٿئي. اپوزيشن ٽين ٽين فش آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *