افغانستان ۾ آمريڪي ناڪامي جو الزام پاڪستان نه لڳائڻ غير منصفاڻو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ آمريڪا ڪامياب نه ٿيڻ جو الزام پاڪستان تي لڳائڻ غير منصفاڻو آهي جيڪڏهن اسان نائين اليون کان پوءِ آمريڪا جي جنگ نه وڙهون ها ته اسان دنيا جو خطرناڪ ملڪ نه هجون ها دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 70 هزار پاڪستانين شهادتون ماڻيون معيشت کي 100 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان ٿيو 51 ملڪن جو پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ ساراهه جوڳو ۽ يورپي يونين جو مطالبو سٺي ڳالهه آهي روسي ٽي وي کي انترويو ۾ عمران خان چيو ته سوويت يونين جي خلاف جنگ ۾ انهن ئي ماڻهن کي تربيت ڏني ويئي جنهن جو فنڊ سي آءِ اي ڏنو هو هي تربيت يافته ماڻهو هئا ۽ هڪ ڏهاڪي کان پوءِ جڏهن آمريڪا اتي ويو ته چيو ويو ته هي جهاد نه آهي هي دهشتگردي آهي هن چيو ته هي وڏو تضاد هو جيڪو هن محسوس ڪيو هن چيو ته پاڪستان کي ان جنگ ۾ اڻ ڌريو رهڻ گهرجي ها آمريڪا جو اتحادي بڻجڻ سان هي گروپ اسان جي خلاف ٿي ويا ۽ 70 هزار پاڪستانين پنهنجون حياتيون قربان ڪيون وزيراعظم چيو ته هو شروع کان ئي هن جنگ جي خلاف هو هن جنگ سان معيشت کي 100 ارب ڊآلرن کان وڌيڪ نقصان ٿيو ان کان سواءِ وزيراعظم عمران خان ٽوئٽ ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ 58 ملڪن ڀارت تان واريل ڪشمير ۾ طاقت جو استعمال روڪڻ۽ پابنديون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو وزيراعظم عمران خان زور ڏنو ته ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق حل ڪيو وڃي ۽ ڪشميرين جي حقن جو تحفظ ۽ احترام ڪيو وڃي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *