افغانستان مان ايندڙ پرڏيهين کي في الحال اسلام آباد ايئررپوٽ تي سهولتون ڏنيون وينديون:شيخ رشيد

لاهور (اين اين آءِ) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آيه ته ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان نهايت اهم ٿيڻ وارو آهي ان لاءِ 5-6 مهينا وڏي ذميواري جا آهن، اهو سمجهيو پئي ويو ته اسان کي افغانستان ۾ قرباني جو ٻڪر بڻايو ويندو پاڪستان جون پاليسيون ڪامياب آهن، ڀارتي پرڏيهي پاليسي سکڻي ڪني اڀامي گهڻو جي برابر آهي، افغانستان مان آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس سميت ڪنهن به ملڪ جو شهري پنهنجي خرچن تي 21 ڏينهن جي ٽرازٽ ويزا تي پاڪستان اچي سگهي ٿو ۽ ان لاءِ اسلام آباد جا ٻه ايئرپورٽ مخصوص ڪيا آهن، هاڻي احتساب جي رڪيل ڪيسن جا فيصلا ٿيندا ۽ ٻن سالن ۾ وڏا ماڻهو جيل ويندا، ڪائي جڳهه خالي نه پئي ٿئي ۽ عمران خان هن ٿڪل اپوزيشن سان نه ويندو پر الله جي مدد حاصل رهي ته ٻيهر به ڪاميابي حاصل ڪندو گهرو وزارت امن امان جي صورتحال سيڪيورٽي ۽ ٻين مسئلن جي حوالي سان جلد پنهنجي هيلپ لائين جاري ڪندي. لاهور ۾ نادرا جي ميگا سمارٽ سينٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته افعانستان ۾ انخلا ۾ پاڪستان جي تاريخي ڪردار جي ساراهه ٿي رهي آهي. پاڪستان جون پاليسيون ڪامياب ٿي رهيون آهن، ڀارت مون کي حدف بڻائي ڇڏيو آهي ان جي پرڏيهي پاليسي سکڻي ڪني اڀامي گهڻو برابر آهي افعانستان ۾ ڀارتي قونصليٽس جي ذريعي را ۽ راس جي ايجنٽن 20 سال پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جون سازشون ڪيون هتان سي پيڪ جي خلاف سرگرميون ڪيون ويون سي پيڪ جو منصوبو پاڪستان جي ترقي جي ساهه واري رڳ آهي ان جي خلاف سازش پاڪستان سان دشمني برابر آهي پاڪستان ۽ چين جي دوستي حماليه کان بلند آهي ميڊيا جي دوستن کي درخواست آهي ته ان کي اهميت ڏين چين ميڊيا بابت وڏو حساس آهي هن چيو ته افغانستان جي ذميوارن اسانجي وڏن کي يقين ڏياريو ته انهن جي سرزمين پاڪستان لاءِ استعمال نه ٿيندي ۽ اسان به اهڙي قسم جي خاطري ڪرائي آهي. هن چيو تهاپوزيشن ڇا ڪندي هي ته گذريل ڊسمبر ۾ چئي رهيا هئا ته حڪومت کي اسلام عليڪم هاڻي سياست پشاور ڏانهن وڃي رهي آهي ۽ هي ٿڪل ماڻهو ڪراچي طرف وڃي رهيا آهنپاڪستان هن وقت دنيا جي ڌيان جو محور اهي هنچيو ته مان وچ رياستن جي ڳالهه نٿو ڪريان نقشي تي گول دئرو لڳايو پاڪستان انتهائي اهم ٿيڻ وارو آهي، پنج ڇهه مهينا گهني ذميواري جا آهن اپوزيشن کي پنهنجي سياست ڇڏي پاڪستان لاءِ ڪمڪرڻ گهرجي هاڻي ڪنٽومينٽ بورڊز جون مڪاني چونڊون اچي رهيون آهن انک ان پوءِ ٻه سالبچيا آهن ڪرونا پنهنجي عروج تي آهي اپوزيشن ڇو ماڻهن کي مارائڻ جي ڪوشش ڪري رهي اهي هي ڪن کولي ٻڌن عمران خان ٿڪل اپوزيشن سان ڪيڏانهن نه ويندو هن چيو ته جڏهن شهبازشريف ڳالهائي ٿو ته مريم ۽ نوازشريف خاموش ٿي وڃن ٿا ۽ جڏهن هي ٻئي ڳالهين ٿا ته شهبازشريف خاموش ٿي وڃي ٿو عمران خان سياست ۾ ڄمي پنج سال لڳائيندو ۽ الله جي مدد حاصل رهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ به ڪامياب ٿيندو. منهنجي ۽ شهبازشريف جي مدر پارٽي هڪ ئي آهي، هن چيو ته مان بلاول جي خلاف ڪائي ڳالهه نٿو ڪري سگهان دل جون ڳالهيون دڪاندارن جي سامهون نه ڪرڻ گهرجن هن نوازشريف جي واپسي جي سوال جي جواب ۾ چيو ته هو واپس نٿو اچڻ چاهي ته مان ڪٿان آڻيان اچڻ چاهي ته 24 ڪلاڪن ۾ کيس واپسي لاءِ ايمرجنسي دستاويز ملي ويندا. هن چيو ته حڪومت اورسيز جون ووٽر لسٽون ٺاهڻ جو ڪم نادرا کي ڏنو آهي هي انگ 90 لک کان هڪ ڪروڙ تائين آهي وزيراعظم جنهن به ميٽنگ جي صدارت ڪري ٿو ان ۾ اي ووٽنگ مشين جي ڳالهه ڪري ٿو هن مولانا فضل الرحمان جي حوالي سان چيو ته پي ڊي ايم ۾ 2 ووٽ آهن، ٽيون ڪوئي ووت نه آهي، مولانا فضل الرحمان جي قومي ذميواري آهي ته هو تبديل ٿيندڙ حالتن کي ڏسي ۽ قومي ذميواري جو ثبوت ڏي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته طالبان لکيل پڙهيل ماڻهو آهن انهن مان کوڙ سارا ٻاهرين ملڪن مان پڙهيل آهن، 31 آگسٽ تائين انخلا ٿي وڃي پوءِ پرڏيهي آفيس ڪوئي تبصرو ڪندو،. هن وقت چمن ۽ طورخم جو سوا2686 ڪلوميٽر بارڊر مڪمل سيل آهي هن ٻڌايو ته 1500 ماڻهن کي جهاز ذريعي ۽ 1480 ماڻهن کي طورخم بارڊر کان انٽري ڏني وئي آهي چمن ۽ طورخم بارڊر کلن ۽ هتان واپار به ٿي رهيو آهي. ڪنهن ملڪ جو سفير، عالمي مالياتي ادارن اين جي اوز، صحافي جيڪڏهن پاڪستان اچڻ چاهين ته کين سندس پنهنجي خرچن تي 21 ڏينهن جو ٽرازٽ ويزا ڏيڻ لاءِ سهولتون موجود آهن افغانستان مان ايندڙن لاءِ اسلام آباد جو نئون ۽ پراڻو ايئرپورٽ رکيل آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *