افغانستان جو امن پاڪستان ۾ امن لاءِ ضروري آهي: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته افغانستان جو امن پاڪستان ۾ امن لاءِ ضروري آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ڪمانڊر ريزولوٽ سپورٽ مشن افغانستان جنرل آسٽن اسڪاٽ ملر ملاقات ڪئي جنهن دوران خطي جي صورتحال ۽ لاڳاپيل گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت افغان مصالحتي عمل تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۽ ڪمانڊر ريزولوٽ سپورٽ مشن وچ ۾ افغان امن عمل افغان عوام جي خواهش موجب ڪرڻ ۽ دهشتگردن خلاف اثرائتي سرحدي قدمن تي اتفاق ڪيو ويو.ان موقعي  تي جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ڏسڻ چاهي ٿو، افغانستان جوامن پاڪستان ۾ امن لاءِ ضروري آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *