افغانستان بابت سمورا جائزا ۽ اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته طالبان جمهوري حڪومت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي اميد آهي ته سياسي صورتحال جلد مستحڪم ٿيندي. حالتون بهتري طرف وينديون، واضح ڪرڻو آهي ته افغان سرزمين کي ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي اسان کي هڪ متحد ۽ خودمختيار ۽ جگرافيائي سالميت واري افغانستان جي مڪمل حمايت ڪرڻي پوندي. مالي وسيلن تائين افغانستان جي پهچ ملڪ کي مڪمل معاشي سرگرمين جي بحالي ۾ اهم هوندي افغانستان پاران ان ۾ شامل ٿيڻ سان فورم جي اثرائتي هجڻ ۽ افغانستان ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام جي اسان جي گڏيل مقصدن تي اڳڀرائي کي تقويت ملندي عالمي برادري لاءِ اسان جو گڏيل آواز پرامن، مستحڪم ۽ خوسحال افغانستان جي پيغام کي هٿي ڏيندو اربع تي هتي افغانستان جي صورتحال تي پرڏيهي وزارت ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ علائقائي پرڏيهي وزير ورچوئل ڪانفرنس جو اهتمام ٿيو جنهن ۾ چين، ازبڪستان، ترڪمانستان، تاجڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي شاهه محمود قريشي افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان پرڏيهي وزارت ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته مان اوهان سڀني کي افغانستان جي پاڙيسرين جي پهرين وزارتي اجلاس ۾ شرڪت تي ڀليڪار ڪيان ٿو هن چيو ته مان دل جي گهرائين سان اوهان کي چوان ٿو ته اوهان سڀني افغانستان ۾ صورتحال تي علائقائي فڪر جو انداز اختيار ڪرڻ جي اسان جي تجويز تي پنهنجو هاڪاري ردعمل ڏنو هن چيو ته مان نمائندن ۽ خاص نمائندن جو به ٿورائتو آهيان جن جي محنت سان اڄوڪي اجلاس لاءِ مضبوط بنياد فراهم ٿيو هن چيو ته مون کي اميد آهي ته اڄوڪو اسان جو غور فڪر فائديمند ثابت ٿيندو هن چيو ته اسان افعانستان جي تاريخ جي هڪ اهم مرحلي تي اجلاس ۾ شريڪ آهيون، هن چيو ته گذريل ڪجهه هفتن ۾ ٿيندڙ واقعن اسان جي خطي کي عالمي ڌيان جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اهو واضح اهي ته ڪنهن کي به اهو گمان نه ٿي سگهيو ته حالتون ايئن تبديل ٿينديون جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز جو ايئن ريت جي ديوار ثابت ٿيڻ ۽ افغانستان جي حڪومت جو ختم ٿيڻ شامل آهي. ان کان اڳ ٿيندڙ سمورا ڪاٿا ۽ اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون. هن چيو ته پرامن مستحڪم خوشحال خطي جي اسان جي گڏيل سوچ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ افغانستان کي ان ڪابل ٿيڻو پوندو ته اهو آزمائشي گهڙي مان نڪري ۽ پنهنجي ڀرپور صلاحيت ڪتب آڻي هن چيو ته اسان کي زور ڏيڻو پوندو ته افغان مسئلي جو افغان حل ئي هئڻ گهرجي اسان کي واضح ڪرڻو آهي ته افغان سرزمين کي ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان جي مضبوط ٿيڻ ۾ پاڙيسري ملڪن جو سڌو فائدو آهي هنچ يو ته عالمي برادري لاءِ اسان جو گڏيل آواز پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانتان جي پيغام کي هٿي ڏيندو جيڪو نه رڳو گهرو طور تي پرامن هجي پر پنهنجي پاڙيسرين سان به امن امان وارو هجي مان اوهان سڀني جو شڪريو ادا ڪيان ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *