افغانستان، پرامن تبديلي سٺي آهي، طالبان حڪومت جي حوالي سان اڪيلو ڪوئي فيصلو نه ڪنداسين: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ جي وفاقي وزير واضح ڪيو آهي ته افغانستان ۾ پرامن تبديلي سٺي آهي، افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي حوالي سان تنها ڪوئي فيصلو نه ڪنداسين افغانستان جي حوالي سان دوست ملڪن سان رابطي ۾ آهيون اميد آهي ته طالبان انساني حقن جو خيال رکندا اسان جو واعدو هو ته هڪ قوم هڪ نصاب آڻينداسين پهريون ڀيرو مدرسن ۾ ماڊرن نصاب پڙهايو ويندو اسڪولن ۾ ناظره قرآن به پڙهايو ويندو. هڪ جهڙي تعليمي نصاب سان معاشري ۾ طبقاتي فرق ختم ٿيندو اليڪٽرانڪ مشين لاءِ جلد قانوني قدم کڻن ضروري اهن. اليڪترانڪ ووٽنگ مشينجي حوالي سان ايندڙ 15 ڏينهن ۾ حتمي فيصلو ڪنداسين ڪابينه کي ملڪ ۾ راندين جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتي اهي سمورن معاملن جو نئين سر جائزو وٺڻ جي ضرورت اهي ملڪ ۾ نئين پاليسي ٺاهي ويندي، گهرو سيڪريٽري پاران اهم سرڪاري شخصيتن جي سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اڱاري تي هتي وفاقي ڪابينه اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي ڄاڻ ڏيندي فواد چوڌري چيو ته اسان جي اسپورٽس فيڊريشن جهڙِ طرح پنهنجو ڪم نه پئي ڪري ۽ اولپمپڪ ۾ جيڪا اسان جي رانديگرن جي ڪارڪردگي رهي ان تي وزيراعظم ناراض ٿيو. ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سمورن معاملن جو نئين سر جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اجلاس ۾ افعانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ گذريل ڏينهن امريڪي پرڏيهي سيڪريٽري جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي هن چيو ته اسان ان معاملي تي افغانستان جي اندرين گروهن ۽ دوست ملڪن سان به رابطي ۾ آهيون ۽ صورتحال تي ان لاءِ اطمينان آهي هن وقت تائين افغانستان ۾ ٿيندڙ تبديلي ۾ رتوڇاڻ ناهي ٿي ۽ ماڻهو نقصان کان محفوظ آهن. هن چيو ته پاڪستان سمجهي ٿو ته طالبان انساني حقن جي پرڏيهي قانونن جي رکوالي ڪندا. اسان چاهيون ٿا ته ڪابل ۾ نئين حڪومت بنيادي انساني پرڏيهي حقن جو احترام ڪري، هن چيوت ه افغانستان ۾ جڏهن اشرف غني جي حڪومت هئي کيس به ڪيترائي ڀيرا اها صلاح ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته اوهان افغانستان تي اڪيلي سر حڪومت نه ڪري سگهند ڇو ته هڪ وڏي قوم حڪومت ۾ شامل ئي نه هئي. اها ڪيئن هلي پئي سگهي فواد چوڌري چيو ته باجوڙ جي جلسي ۾ به وزيراعظم افعان حڪومت کي صلاح ڏني هئي ته نئين چونڊن تي ڌيان ڏيڻ بدران مختلف گروهن سان ڳالهائي جامع حڪومت جوڙڻ جي ڪوشش ڪريو جيڪا گڏيل هجي ۽ جنهن تي سمورن گروپن جو اعتماد هجي هن چيو ته اسان انهيءَ اصول تي هلي رهيا آهيون ۽ انهيءَ کي اڳتي کڻي هلنداسين وفاقي وزير ٻڌايو ته پي ٽي آئي جي منشور ۾ هي هڪ قوم ۽ هڪ نصاب جو واعدو ڪيو ويو هو هن وقت پاڪستان ۾ جيڪو مختلف نصاب پڙهايو پيو وڃي ان سان اان قوم اندر ئي مختلف طبقا پيدا ڪري رهيا آهيون ۽ اسان جي اها ڪوشش هئي ته بنيادي تعليم جا گهٽ ۾ گهٽ معيار برابر هجن هن چيو ته اسان کي وڏي خوشي آهي جو پهريون ڀيرو اسان جي مدرسن ۾ به جديد نصاب پڙهايو ويندو ۽ اسڪولن ۾ ناظره قران جي تعليم به ڏني ويندي ۽ وزيراعطم اٺين ۽ نائين جماعت ۾ سيرت النبي صلعم پڙهائڻ تي به زور ڏنو آهي هن چيوت ه ڪابينه اجلاس ۾ بابر اعواڻ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز تي تفصيلي ڄاڻ ڏني جنهن کان پوءِ سمورا قانوني مرحلا طئي ڪري اي وي ايم متعارف ڪرائڻ لاءِ فيصلائتا قدم کڻي رهيا آهيون هن چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وزير اليڪشن ڪميشن کي پنهنجو موقف فراهم ڪري ڇڏيو آهي ۽ اي وي ايم جو عملي مظاهرو به ڪيو ويو اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري پاران اهم سرڪاري شخصيتن جي سيڪيورٽي ۽ پرٽوڪول بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني وئي. جنهن کي منطقي بڻايو ويندو. ان سيڪيورٽي تي اسلام آباد پوليس جا 95 لک رپيا خرچ ٿي رهيا آهن اهڙي طرح عدليه جي سيڪيورٽي تي 30 ڪروڙ 40 لک رپيا وزيراعظم، وزرين، صلاحڪارن، مددگارن جي سيڪيورٽي جو خرچ 45 ڪروڙ 40 لک رپيا آهي ٻئي پاسي سيڪيورٽي تي پنجاب پوليس جو ساليانو خرچ 2 هزار 509 ملين آهي وفاقي وزير ٻڌايو ته لاهور ۾ عدليه جي سيڪيورٽي تي هڪ ارب 14 ڪروڙ 31 لک 70 هزار رپيا ساليانو خرچ آهي هن چيو ته سادگي مهم سان وزيراعظم هائوس ۽ ايوان صدر جا خرچ گذريل حڪومتن جي ڀيٽ ۾ گهٽايا ويا قومي اسيمبلي اسپيڪر هڪ ارب 57 ڪروڙ رپيا قومي خزاني کي واپس ڪيا. هن چيو ته پهريان جاتي امره ۽ لاهور ۾ ڪئمپ آفيسون ڊڪليئر ڪري سمورو خرچ حڪومت کان ورتو ويندو هو جڏهن ته هاڻي وزيراعظم به پنهنجي گهر ۾ به سڄو خرچ پاڻ ڪري ٿو رڳو سيڪيورٽي کان سواءِ ٻيو خرچ سرڪاري خزاني کان نٿو وٺي ايتري قدر جو ان جي گهر تائين ٺهندڙ روڊ جا پئسا به سرڪاري خزاني مان نه ورتا ويا فواد چوڌري چيو ته 86 سيڪڙو اسڪولن، ڪاليجن جي استادن ۽ اسٽاف جي ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي منسٽري آف انفارميشن ۾ به 97 سيڪڙو ماڻهو ويڪسينيشن ڪرائي چڪا آهن هن چيو ته وزيراعظم عمران خان تحريڪ انصاف حڪومت کي 3 سال مڪمل ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته مضبوط مستحڪم ۽ رياست مدينه جيان ملڪ اڳتي وڌي رهيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *