افضل گولڊ ميڊل حاصل ڪري قوم جو ڪنڌ فخر ۾ اوچو ڪيو آهي: جنرل راحيل شريف

اسلام آباد(اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف قطر جي گادي واري هنڌ دوها ۾ ٿيل ايشين جونيئر اٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ پهريون ڀيرو گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ 17 ورهين جي پاڪستاني نوجوان محمد افضل کي مبارڪون ڏنيون آهن. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف محمد افضل جي ڪار ڪردگي جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته نوجوان افضل گولڊ ميڊل حاصل ڪري سموري قوم جو ڪنڌ فخر ۾ اوچو ڪيو آهي ۽ هو پاڪستاني نوجوانن لاءِ مثال آهي. آءِ ايس پي آر مطابق محمد افضل پاڪستان آرمي اسڪول آف فزيڪل ٽريننگ تحت ٽئين آرمي ينگ بوائز اسڪيم ۾ تربيت هيٺ آهي. آرمي چيف جي طرفان نوجوان محمد افضل کي روڪ رقم پڻ انعام طور پيش ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *