افسوس سان چوان ٿو ته ڪراچي بدترين شهر بڻجي ويو آهي: جسٽس گلزار احمد

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان امل عمر قتل ڪيس ۾ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڌريون پنهنجا بيان 4 هفتن ۾ لکت ۾ جمع ڪرائين، خميس تي سپريم ڪورٽ ۾ امل عمر قتل ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس گلزار جي سربراهي ۾ بينچ ڪئي، امل عمر جي والدين جي وڪيل چيو ته رپورٽ ۾ پوليس، ريگيوليٽر ۽ اسپتال تي ذميواري جو تعين ٿيڻو هو، وڪيل چيو ته رپورٽ تي عمل ڪندي سنڌ پوليس کي پيٽرولنگ ۾ ڳري هٿيارن جي استعمال کان روڪيو ويو آهي، وڪيل چيو ته پوليس رپورٽ ۾ غلطي کي تسليم ڪيو آهي، جسٽس گلزار چيو ته هن ڪيس جو وڌيڪ پسمنظر نٿا ڄاڻو، جسٽس گلزار چيو ته غلطي مڃڻ ته ٺيڪ پر ڇا هٿيار جي استعمال کان روڪڻ ڪراچي جهڙي شهر ۾ ٺيڪ ٿيندو، جسٽس گلزار چيو ته ڇا حالتن کي اڳيان رکي ڪراچي ۾ هٿيار جي استعمال کان پوليس کي روڪي سگهجي ٿو، وڪيل چيو ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پيٽرولنگ پوليس کي مشين گنز جهڙو هٿيار نٿو ڏنو وڃي، ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو، سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته عدالت اڳيان اهم اشو تي موقف ڏيڻ چاهيان ٿو، جسٽس گلزار احمد چيو ته سنڌ حڪومت وٽ ڪنهن مسئلي جو حل ناهي هوندو، هاڻ ڳالهه نه ڪريو، جسٽس گلزار احمد چيو ته سنڌ حڪومت جو هال خراب آهي، افسوس سان چئي رهيو آهيان ته ڪراچي پاڪستان جو بدترين شهر بڻجي چڪو آهي، جسٽس گلزار چيو ته ڪراچي شهر ۾ ڪا حڪومت ناهي پهريان اسان گهر کان پري وڃي کيڏندا هئاسين، هن چيو ته ڪراچي ۾ اسان جا ٻار گهر کان ٻاهر نٿا وڃي سگهن، گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ ڏينهن ڏٺي ڌاڙو هنيو ويو، جسٽس گلزار چيو ته ڀريل بازار ۾ گاڏي روڪي 90 لک لٽيا ويا، هن چيو ته روڊن تي گاڏين کي لٽيو پيو وڃي، هن چيو ته ڪراچي ۾ روپوش سرعام گهمي رهيا آهن، جسٽس گلزار چيو ته هي روپوش سنجينده نوعيت جي ڏوهن ۾ ملوث آهن، پوليس انهن کي نٿي پڪڙي سگهي، هن چيو ته جيڪا ترقي ڪراچي ۾ ٿي هئي هاڻ ختم ٿي رهي آهي، جسٽس گلزار چيو ته آفيسرن کي پيسا ڪمائڻا آهن، عوام کي سندس هال تي ڇڏي ڏنو ويو آهي، ڌريون پنهنجا بيان 4 هفتن ۾ لکت ۾ جمع ڪرائين. جسٽس گلزار چيو ته ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي اونهاري جي موڪلن کانپوءِ ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *