افتخار چوڌري جي بلٽ پروف گاڏي جا خرچ حڪومت پئي ڀري: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ، رٽائرڊ ججز کي حاصل مراعتن واري معاملي تي سڀاڻي اٽارني جنرل کي طلب ڪري ورتو آهي، قانون واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته افتخار چوڌري 6 هزار سي سي گاڏي استعمال ڪندو آهي، کيس فيول ۽ گاڏي جي مرمت جا خرچ حڪومت فراهم ڪندي آهي. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين نئير بخاري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير پرويز رشيد ايوان کي لکت ۾ آگاهي ڏيندي چيو ته رٽائرڊ چيف جسٽسز کي هر مهيني گاڏين جي مرمت لاءِ 33 لک 75 هزار ۽ 29 رپيا فراهم ڪيا ويندا آهن، کين هر مهيني 3 سئو ليٽر تيل پڻ فراهم ڪيو ويندو آهي. سينيٽ ميمبرز سوال اٿاريو ته ٻين چيف جسٽسز جي ڀيٽ ۾ افتخار چوڌري کي ڪهڙيون مراعتون ڏنل آهن، جنهن تي پرويز رشيد ٻڌايو ته افتخار چوڌري 6 هزار سـِي سـِي بلٽ پروف گاڏي استعمال ڪري رهيو آهي، گاڏي جي مرمت، فيول ۽ ٻيو خرچ حڪومت فراهم ڪندي آهي. هن چيو ته رٽائرڊ ججز کي ملندڙ ٻين مراعتن بابت سپريم ڪورٽ کي خط لکيو ويو آهي پر هن وقت تائين جواب ناهي آيو. چيئرمين نئير بخاري چيو ته سپريم ڪورٽ کي 6 ڀيرا معاملي تي خط لکيو ويو آهي پر هن وقت تائين جواب ناهي ڏنو ويو. نئير بخاري رولنگ ڏيندي چيو ته ايون ان معاملي تي قانوني ماهرن کي ٻڌڻ چاهي ٿو، اٽارني جنرل سڀاڻي ايوان اچي اگاهه ڪري. ايوان ۾ پ پ سينيٽر جهانگير بدر چيو ته اسٽينڊر چارٽر بينڪ سندس 2 اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ۾ اڍائي لک رپيا هئا. ڊپٽي چيئرمين صابر بلوچ، جهانگير بدر ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن توهان جي اڪائونٽ ۾ اڍائي لک آهن ته پوءِ توهان سينيٽر نٿا ٿي سگهو، ڇو ته سينيٽر ٿيڻ لاءِ 40 ڪروڙ رپين جي ضرورت هوندي آهي. سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته هي انتهائي اهم معاملو آهي، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار معاملي جو نوٽيس وٺي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *