اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، جي يو آءِ (ف) پاران آرمي ايڪٽ ۾ ترميم تي حڪومت جو ساٿ نه ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو) جميعت علماءِ اسلام (ف) 21 هين ترميم جي آئيني مسودي تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم تي حڪومت جو ساٿ نه ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو آهي جي يو آءِ (ف) جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جي يو آءِ (ف) حڪومت کي آئيني ترميم جي مسودي ۾ وڌيڪ ترميمن جون رجويزون ڏنيون هيون جن تي ڪنهن قسم جو عمل ناهي ڪيو ويو پر اسان اها ئي تجويز هاڻ حڪومت کي تحريري شڪل ۾ به جمع ڪرائينداسين ۽ جميعت علماءِ اسلام  آرمي ايڪٽ ۾ ترميم تي حڪومت جو ساٿ نه ڏيندي. جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته آئيني ترميم جي مسودي ۾ اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، ان ڪري آرمي ايڪٽ ۾ ترميم تي حڪومت جو ساٿ نه ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *