اعتزاز احسن پاران چونڊ ڌانڌلي جا ثبوت جوڊيشل ڪميشن ۾ کڻي وڃڻ جو اعلان

لاهور (م.ڊ) پيپلز پارٽي جي سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته پهرئين مرحلي ۾ 124 لاهور 7 ۾ ڌانڌلي جا ثبوت جوڊيشل ڪميشن ۾ پيش ڪيا ويندا، ٻئين مرحلي ۾ پيپلز پارٽي تنظيم طور به سمورن تڪن ۾ ڌانڌلي جا ثبوت ڪميشن ۾ کڻي ويندي اعتزاز احسن جو چوڻ آهي ته ان جي تڪ ۾ 12 پولنگ بيگ مان ووٽن بجاءِ ردي نڪتي شيخ روهيل اصغر جي وڪيل به ردي نڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي، اعتزاز احسن و چوڻ آهي ته ڌانڌلي جي حوالي سان وائٽ پيپر جوڊيشل ڪميشن کي پيش ڪندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *