اطلاعات کاتي سنڌ ۽ پي آئي ڊي جو ميڊيا لسٽ تي نظرثاني ، صحافين کي مالي مدد جي فراهمي ۽ حڪومتي قدمن جي مشهوري تي اتفاق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سڌ سماءِ واري سيڪريٽري  رفيق احمد ٻرڙو چيو آهي ته وزارت اطلاعات ۽ نشريات ۽ صوبائي کاتي اطلاعات جي آفيسرن وچ ۾ ويجهو تعاون، سرڪاري اپائڻ بابت آگاهي فراهم ڪرڻ ۽ صحافين کي بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ اشد ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پريس انفارميشن کاتي ڪراچي جي آفيس جي دوري دوران ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل پي آئي ڊي ڪراچي رئيسه عادل، سيڪريٽري انفارميشن کي خوش آمديد چيو. ۽ پي آئي ڊي جي معاملن بابت آگاهه ڪيو ڊائريڪٽر جنرل پريس سيد ذوالفقار علي شاهه، ڊائريڪٽر اطلاعات محمد سليم خان، ڊائريڪٽر پبليڪيشن اختر علي سورهيو، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن جهانگير خان ابڙو، ڊاپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن و اڪائونٽس محمد يوسف ڪابورو، ڊپٽي ڊائريڪٽر اشتهارات سرور سميجو ۽ اسٽاف آفيسر سيڪريٽري اطلاعات صاحب خان ڀنڊ به پڻ سيڪريٽري اطلاعات سان گڏ هو. سيڪريٽري اطلاعات چيو ته ميڊيا جي وڌندڙ  خاص ڪري ڊجيٽل ۽ سوشل ميڊيا جي ڏينهون ڏينهن ترقي جي باعث اطلاعات کاتي جي آفيسرن جي ذميوارين ۾ وڏو اضافو ٿي ويو آهي ان لاءِ انهن جي استعداد ڪار ۾ اضافو وقت جي اهم ضرورت آهي هن چيو ته صوبائي کاتو اطلاعات صحافين ۽ حڪومت جي وچ پل جي ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ عوام کي سرڪاري اپائن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جو فرض ادا ڪندو آهي. هن چيو ته اطلاعات کاتي ۾ ڪيترائي اصلاحات متعارف ڪرايون پيون وڃن خاص ڪري اشتهارن جي شعبي ۾ شڪايتن جي ازالي لاءِ هر ممڪن اپاءُ ورتا پيا وڃن  جنهن ۾ اشتهارن جي روزاني بنياد تي اطلاعات کاتي جي ويب سائيٽ تي آويزان ڪرڻ شامل آهي. ان کان علاوه ڊمي ۽ ميڊيا لسٽ ۾ شامل نه ٿيڻ وارن اخبارن کي اشتهار جاري ڪرڻ جي شڪايت جي حوالي سان انڪوائري به ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ڊڪلريشن جاري ڪرڻ جي سلسلي ۾ اطلاعات کاتي جي ڪردار کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو. گڏجاڻي ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته لسٽ ۾ ترميم، صحافين کي مالي معاونت جي فراهمي، سرڪاري اپائڻ جي آگاهي، اطلاعات کاتي جي آفيسرن جي تربيت ۽ ٻين معاملن جي باري ۾ ويهجو رابطو برقرار رکيو ويندو. گڏجاڻي ۾ اشتهارن جي باقائدگي سان شايع ٿيندڙن اخبارن ۾ منصفاڻي تقسيم تي به اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي سيڪريٽري اطلاعات کاتي پاران شايع ٿيندڙ رسالا ڊي جي، پي آئي ڊي کي پيش ڪيا.      

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *