اشتهارن ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ تي شاهرخ خان خلاف عدالتي ڪارروائي

ممبئي(شوبز نيوز) شاهرخ خان کي شيونگ ڪريم جي اشتهار ۾ ان جي ڪوڙي تعريف ڪرڻ تي ڀارتي عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي ڀارتي فلم انڊسٽري جا تقريبن سمورا سپر اسٽارز اضافي آمدني جي مد ۾ اشتهارن ذريعي ڪروڙين ڪمائيندا آهن پر اضافي آمدني جي چڪر ۾ اداڪار اهو وساري ڇڏين ٿا ته عام ماڻهو اهو اشتهار ڏسي جيڪا به شئي خريد ڪندو آهي ان تي ان جا ڪيترائي خراب اثر پوندا آهن ڀارتي ميڊيا مطابق ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي شهر ڀوپال سان تعلق رکندڙ هڪ شهري راجڪمار پانڊي بالي ووڊ سپر اسٽار شاهرخ خان خلاف شڪايت داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته ان ٽي وي تي شاهرخ خان جو هڪ شيونگ ڪريم وارو اشتهار ڏٺو هو، هو ان اشتهار کان ايترو متاثر ٿيو جو فوري طور ڪريم خريد ڪري گهر وٺي آيو جڏهن ته ڪريم استعمال ڪرڻ تي نه صرف ان کي نقصان ٿيو پر ان جي چهري تي به زخم ٿيا هن ڪنگ خان تي الزام لڳائيندي چيو ته شاهرخ اشتهارن وسيلي ماڻهن کي گمراهه ڪندو آهي هن اشتهار ۾ چيو هو ته هي شيونگ ڪريم ڀارت جي نمبر ون ڪريم آهي جنهن کي هڪ ڀيرو استعمال ڪرڻ تي اوهان هر هر استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو مان شاهرخ خان کي تمام گهڻو پسند ڪندوآهيان ۽ ان جي ڳالهه تي اعتبار ڪري ئي مون اها ڪريم خريد ڪئي پر ڪريم استعمال ڪرڻ تي مون کي خبر پئي ته شاهرخ خان صرف پنهنجي پروڊڪٽ وڪڙڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهايو نه ته ان ئي ان ڳالهه جي ڪابه پرواهه ناهي ته ماڻهن کي ان سان ڪيترو نقصان ٿيندو. ۰۳

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *