اشتهارن جي پاليسي کي مڪمل شفاف بنائڻ لاءِ ڪوشان آهيون: سعيد غني

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان ايڊورٽائيزينگ ايسوسيئيشن (پي اي اي) جي چيئرمين علي مانڊوي والا جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد سعيد غني سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ملاقات ۾ پي اي اي جي وفد ايڊورٽائيزنگ ايجنسي ۽ ان صنعت سان لاڳاپيل ماڻهن جا مسئلا ۽ ميمبرن جي رهتن سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي ان موقعي تي ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ميڊيا ۽ ان سان لاڳاپيل اشتهاري ايجنسين جي مسئلن کي قابليتي بنيادن تي حل ڪيو وڃي ان لاءِ اسان اشتهارن جي نظام کي صاف ۽ شفاف بنائڻ ۽ ان حوالي سان شڪايتن جي ازالي لاءِ نظام کي جوڙڻ تي ڪم شروع ڪيو آهي اسان جي پهرين ترجيحي اشتهاري ايجنسين ۽ ميڊيا هائوسز وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط ۽ اشتهارن جي پاليسي کي مڪمل صاف ۽ شفاف بنائڻ آهي ڇو ته سنڌ حڪومت اظهار جي آزادي جي تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته رهتون ادا ڪرڻ جي حوالي سان سنڌ حڪومت ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ادائيگيون به شروع ٿي ويون آهن مان پاڻ ذاتي طور تي هن معاملي کي ڏسي رهيو آهي هاڻي اشتهاري ايجنسين کي به گهرجي ته اهي صاف شفاف نظام جوڙڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ۽ حڪومت سان تعاون ڪن آخر ۾ وفد جي ميمبرن صوبائي وزير جا ٿورا مڃيا ۽ مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *