اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ ۽ ادائيگين جو شيڊول بهتر کان بهتر بڻايو وڃي: سعيد غني

ڪراچي 26  آگسٽ 2019 :  سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته محمود خان کي مان ٿر اچڻ جي دعوت ڏيندو آهيان بلاول ڀٽو زرداري جي حڪومت ٿر ۾ تاريخي ترقياتي منصوبا ڪمل ڪيا آهن. ۽ عمران نيازي 350 ڊيم خيبرپختونّواهه ۾ بنائڻ جي دعوا ڪئي هئي. ڇا ڊيم بڻجي ويا جڏهن ته بلاول ڀٽو ٿرڪول منصوبي جو واعدو ڪري مڪمل ڪيو ٿر ۾ بهترين روڊن جو ڄار وڇايو ويو صوبائي وزير چيو ته وزيراعليٰ خيبرپختونخواهه ڪراچي جي ڪچري تي ڳالهائڻ کون پهريون حقيقتون معلوم ڪري ڪراچي ۾ موجود ڪچرو پکيڙڻ جو ذمينوار پي ٽي آئي جو هڪ وفاقي وزير آهي علي زيدي نالن مان ڪچرو ڪڍي سموري ڪراچي ۾ پکيڙي ڇڏيو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جو وزيراعليٰ پنهنجي صوبي ۾ وڌندڙ پوليو ڪيسز تي توجه ڏئي ۽ محمود خان پنهنجي صوبي ۾ ڪرندڙ صحت جي سهولتن تي توجه ڏئي ۽ محمود خان پنجاب ۾ عوام کان صحت جون مفت سهولتون واپس وٺڻ تي احتجاج ڪري محمود خان جي صوبي جا مريض سنڌ حڪومت جي مفت ۽ بهترين صحت جي سهولتن مان فائدو وٺي رهيا آهن صوبائي وزير سعيد غني چيو ته خيبرپختونخواهه جو وزيراعليٰ بي آر ٽي پشاور ۾ ٿيڻ واري ڪرپشن جو جواب ڏئي ۽ نيب کي مالم جبه ڪرپشن ڪيس ۾ خيبرپختونخواهه جي وزيراعليٰ کي جلد گرفتار ڪرڻ کپي. ٻئي پاسي اطلاعات ۽ پورهيو واري صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي (اي پي اين ايس) سنڌ جي عهديدارن جو اجلاس منعقد ٿيو اجلاس ۾ اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري عمران عطا سومرو، اي پي اين ايس جو سيڪريٽري جنرل سرمد علي، سينيئر نائب صدر قاضي اسد عابد، رفيق پيرزادو، يونس مهت، بلال فاروقي، قاضي سجاد، منگل داس، نصرالله جمالي، زاهده عباسي، ممتاز ڦلڦوٽو، امتياز قاضي، حسينه جتوئي، سعد عباسي، اقبال حسين تنيو، عمير عثمان، منصور ڪورائي ۽ ٻيا موجود هئا. اجلاس ۾ اخباري صنعت کي پيش مسئلا، اشتهار جي ادائيگين ۾ پيش مشڪلن سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي اطلاعات ۽ پورهيو کاتي جي صوبائي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اخباري صنعت ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن کي سموريون سهولتون فراهم هجن ۽ اشتهارن ۽ ادائگين جو شيڊول ان طرح واضح ڪيو ويندو جنهن سان سمورين اخبارن کي بجيٽ جي مطابق اشتهار ۽ ادائيگي ٿي سگهي اسان چاهيون ٿا ته اخبارن جا مالڪ سنڌ حڪومت جا سمورا مثبت اپاءُ عوام جي سامهون آڻين سمورن اخبارن جي مالڪن سان گڏ ورڪنگ رليشن شپ کي وڌيڪ مظبوط بڻايو وڃي صوبائي وزير چيو ته نيب ۽ عدالتن باعث اسان جا آفيسر کلي ڪري بهتر انداز ۾  ڪم نه ڪري رهيا آهن. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اشتهارن جي منصفاڻي تقسيم ۽ ادائيگين جو شيڊول بهتر کان بهتر بڻايو وڃي ان لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن شفافيت منهنجي پهرين ترجيح آهي ۽ منهنجي سموري ڪوشش هوندي ته ڪنهن به اخبار يا اداري کي مشڪل جو منهن نه ڏيڻو پوي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *