اسڪول  وڌيڪ هفتو بند رکڻ جو اعلان. ارسا ۽ وفاق سنڌ سان دشمني تي لهي آيا آهن: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ صوبو خريف جي شروعات ۾ 35 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي چڪو آهي ۽ هاڻي سسٽم ۾ ڪافي پاڻي موجود آهي انڪري سنڌ کي وڌيڪ پاڻي ڏئي کين ضرورتون پوريون ڪيون وڃن ته جيئن سنڌ جو عوام پنهنجو خشڪ ٿيندڙ فصلن کي سيراب ڪري سگھن. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي ساڻن گڏ زراعت بابت سينيئر صلاحڪار منظور وساڻ، اطلاعات وارو وزير سعيد غني، آبپاشي وارو وزير ڄام خان شورو ۽ قانون جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب پڻ هئا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ارسا ايڊوائيزري ڪميٽي 8 اپريل 2021 تي ٿيل اجلاس ۾ اميد ڪئي هئي ته پهرين خريف دوران پهرين اپريل کان 10 جون تائين 10 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ٿيندي جنهن جي سنڌ حڪومت مخالفت ڪئي هئي. شروعاتي خريف سيزن ۾ سنڌ جو پاڻي 6.345 ايم اي ايف هو جڏهن ته پاڻي معاهدي ۾ 8.292 ايم اي ايف رکيو ويو جيڪو سنڌ لاءِ 23.5 سيڪڙو گهٽتائي کي ظاهر ڪري ٿو. مراد علي شاهه چيو ته پنجاب جو حصو 10.535 ايم اي ايف مقرر ڪيو ويو جڏهن ته خريف جي شروعاتي پاڻي معاهدي ۾ سندس 12.424 ايم اي ايف جو حصو 15.2 سيڪڙو کوٽ ڏيکاري ٿو.  هن وڌيڪ چيو ته سنڌ 23.5 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته پنجاب 15.2 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته خريف سيزن جي شروعات ۾ سنڌ لاءِ ٽي درجي جي ورڇ سبب اٽڪل 51700 ايڪڙ فٽ گهٽ پاڻي رکيو ويو. سنڌ ۾ ڪپهه پوکڻ جو موسم اپريل ۾ شروع ٿئي ٿو جڏهن ته پنجاب ۾ مئي ۾ شروع ٿئي ٿو، تنهنڪري سنڌ پاڻي جي امڪاني کوٽ کي نظر ۾ رکندي پاڻي جو استعمال ڪيو ۽ اپريل ۾ اٽڪل 22 سيڪڙو کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو پر پنجاب ڪينالن جي کولڻ کانپوءِ سنڌ صوبي مئي ۾ 38 سيڪڙو، جون ۾ 27 سيڪڙو ۽ جولاءِ ۾ 9 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ هئي. مراد علي شاهه چيو ته پنجاب ۾ مئي ۾ 17 سيڪڙو کوٽ، جون ۾ 12 سيڪڙو ۽ جولاءِ ۾ 2 سيڪڙو هئي. هن چيو ته اهو ڏيکاريو ويو آهي ته مئي کان جولاءِ تائين سنڌ کي هر مهيني پنجاب جي  ڀيٽ ۾ ٻيڻي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو. مراد علي شاهه چيو ته اهو ٻڌائڻ مناسب ٿيندو ته خريف جي شروعات ۾ 6.345 ايم اي ايف جي امڪاني حصي جي برعڪس سنڌ 5.385 ايم اي ايف استعمال ڪيو ۽ ارسا پاران مقرر ڪيل ٽن درجي واري حصي ۾ 15 سيڪڙو کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو. ٻئي پاسي پنجاب 10.533 ايم اي ايف شيئر جي ڀيٽ ۾ 9.533 ايم اي ايف استعمال ڪيو ۽ رڳو 9.5 سيڪڙو کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته خريف جي شروعاتي سيزن دوران سنڌ کي ارسا جي نام نهاد ٽن درجي واري فارمولي تحت وڌيڪ کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته اها ارسا جي ذميواري آهي ته خريف جي شروعاتي سيزن جي آخر ۾ کوٽ کي برابر ورهائي پر ارسا ان سلسلي ۾ ناڪام ويو. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ پهرين اپريل کان 31 جولاءِ تائين 824000 ايڪڙ فوٽ پاڻي کان محروم رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌيڪ ٿي ۽ ڪپاهه ۽ ڪانورن جي فصلن کي وڏو نقصان ٿيو، هاري ڪميونٽي ۾ سخت مايوسي ۽ ڪاوڙ ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته ارسا جي چيئرمين رائو ارشاد علي خان جي اسٽڊي مطابق هڪ ايم اي ايف جي معاشي قيمت هڪ ارب ڊالرن جي برابر آهي تنهن ڪري اٽڪل 824000 ايڪڙ فٽ پاڻي گهٽ ملڻ سبب موجوده خريد سيزن ۾ سنڌ جي معيشت کي اٽڪل 0.824 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو. هن چيو ته پاڻي جي دير سان اچڻ سان گهرج وڌي وڃي ٿي. هن چيو ته اڄ به سنڌ کي (پيرا 2) پاڻي معاهدي مطابق پاڻي ملي رهيو آهي پر ارسا پاران پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ سبب ڪيترائي پڇڙي وارا علائقا پاڻي کان محروم آهن. سنڌ جي وڏي وزير موجب هڪ پاسي سنڌ کي پنهنجو حصو نٿو ملي ته  ارسا انڊس سسٽم مان  سي جي ۽ ٽي پي لنڪ ڪينالن ذريعي جهلم چناب سسٽم ۾ پاڻي جي منتقلي جي اجازت ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته لنڪ ڪينالن کي هلائڻ تي سنڌ جو عوام ناراض آهي. مراد علي شاهه چيو ته معاهدي جي پيراگراف 7 ۾ تسليم ڪيو ويو آهي ته ڪوٽڙي بئراج هيٺ سمنڊ ۾ پاڻي جو گهٽ ۾ گهٽ خارج ٿيڻ رڳو سامونڊي حدن کي جانچڻ لاءِ آهي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ 10 ايم اي ايف ڪوٽڙي بئراج کي ملڻ گهرجي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته سراسري انگ ساليانو 8.6 ايم اي ايف آهي پر موجوده خريف سيزن ۾ ڪوٽڙي بئراج جي هيٺ رڳو 1.74 ايم اي ايف پاڻي ڇڏيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت سخت احتجاج ڪري ٿي ۽ مطالبو ڪري ٿي ته وفاقي حڪومت ان معاملي کي حل ڪري ۽ ارسا کي هدايت ڪئي وڃي ته روزانو جي بنياد تي پاڻي 10 ايم اي ايف تائين ورهائي، جيئن 1991 جي گڏيل مفادن واري ڪونسل (سي سي آئي) جي معاهدي ۾ آهي. ۽ وڌيڪ چيو ته لاء ڊويزن اڳواٽ ئي معاهدي جي پيراگراف 14 (a) ۽ 14 (b) جي تشريح ڪري چڪي آھي ۽ تاريخي استعمال بابت ورڇ پاڻيءَ معاهدي جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو آھي. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسڪول وڌيڪ هڪ هفتي تائين بند رهندا ته جيئن تدريسي ۽ غير تدريسي عملي کي ويڪسينيشن ڪرائي سگهجي. هن والدين لاءِ اهو چيو ته کين اسڪول ۾ ٻارن جي داخلا لاءِ پنهنجو ويڪسينيشن ڪارڊ ڏيکارڻو هوندو انڪري والدين لاءِ لازمي آهي ته اهي هڪ هفتي اندر ويڪسينيشن ڪرائين ۽ هاڻي سنڌ ۾ يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ اسڪول 30 آگسٽ تي ٻيهر کلندا.   سپريم ڪورٽ پاران 2010 ۾ برطرف ملازمن جي (بحالي) آرڊيننس ايڪٽ بابت سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ان سان 11 وزارتن/ کاتن جي 10 هزار کان وڌيڪ ملازمن لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا. مراد علي شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ برطرف ٿيل ملازمن (بحالي) آرڊيننس ايڪٽ 2010 کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت انٽيليجنس بيورو، ڪمشنر افغان پناهگير، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، پي ٽي سي ايل، اوورسيز پاڪستاني فائونڊيشن، اسٽيٽ لائف انشورنس، سول ايوي ايشن اٿارٽي، واپڊا، ايس ايس جي سي لميٽيڊ، تعليم کاتو ۽ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان متاثر ٿيندا. سنڌ جي وڏي وزير سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته هوءَ پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري ڇوته انهيءَ سان 10 هزار کان وڌيڪ خاندان متاثر ٿيندا. هن ياد ڏياريو ته ايڪٽ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ وٽان پاس ٿي چڪو آهي ۽ قانون ٺاهڻ لاءِ وڏي مشق ڪئي وئي هئي. هن وڌيڪ چيو ته بيروزگار ملازمن جو تعلق اڪثر سنڌ سان آهي. هڪ ٻئي سوال تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هڪ وفاقي وزير دعويٰ ڪئي هئي ته جاري افغان بحران ۾ هڪ به افغاني سرحد پار نه  ڪئي آهي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته اهڙي بحران ۽ صورتحال ۾ وفاقي حڪومت صوبن کي اعتماد ۾ نه ورتو آهي، هن چيو ته پناهگيرن جي لڏپلاڻ کي روڪڻ.وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *