اسڪاٽ لينڊ يارڊ ”را“ جا ايم ڪيو ايم کي فنڊنگ جا ثبوت پاڪستان کي ڏئي ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو) ڀارتي خفيه ايجنسي ”را“ پاران ايم ڪيو ايم کي فنڊنگ جا ثبوت اسڪاٽ لينڊ يارڊ پاڪستان حوالي ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب اسڪاٽ لينڊ يارڊ ”را“ جي ايم ڪيو ايم کي فنڊنگ ۾ ملوث 10 کان وڌيڪ نالن جي فهرست پاڪستان حوالي ڪئي وئي آهي. اُهي ماڻهو را کان سڌو سنئون رقم وصول ڪري ايم ڪيو ايم کي فراهم ڪندا هئا، پاڪستان کي ڏنل نالن جي فهرست اسڪاٽ لينڊ يار الطاف حسين ۽ محمد انور کان جانچ کانپوءِ جوڙي آهي. وزيراعظم جي صلاحڪار اشتر اوصاف لنڊن ۾ اسڪاٽ لينڊ کان ڪيس جي حوالي سان ملاقات ڪئي هئي، حڪومت را فنڊنگ ۽ مني لانڊرنتگ جي معاملي تي جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *