اسڪارليٽ جانسن هلندڙ سال 56 ملين ڊالرز ڪمائي سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو،لسٽ جاري

لاس اينجلس (شوبز نيوز) امريڪي ميگزين فوربز هلندڙ سال سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ اداڪارائن جي لسٽ جاري ڪئي آهي هن لسٽ ۾ اداڪارئن جي فلمن جي ڪمائي کانسوا3 مختلف اشتهارن ۽ برانڊز سان پارٽنرشپ ۽ پنهنجي بزنس جي آمدني به شامل آهي. مشهوري امريڪي ميگزين فوربز طرفان جاري ڪيل لسٽ موجب هالي ووڊ جي ڪامياب فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ اسڪارليٽ جانسن هلندڙ سال 56 ملين ڊالرز ڪمائي سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. مشهور امريڪي اداڪاره ۽ ماڊل صوفيه ورگارا فوربز جي لسٽ ۾ 44.1 ملين ڊالرز ڪمائي ٻئي نمبر تي آهي. امريڪا جي اداڪار ۽ بزنس وومين ريسي ودر اسپون هلندڙ سال 35 ملين ڊالرز ڪمايا آهن ۽ ٽئين نمبر تي آهي. آسٽريلين امريڪي اداڪار نڪول ڪڊمين 34 ملين ڊالر ڪمائي چڪي آهي. هالي ووڊ سندري ۽ پروڊيوسر بزنس وومين جينيفر آنسٽن 28 ملين ڊالر ڪمائي 5 نمبر تي آهي. امريڪي اداڪاره ۽ پروڊيوسر ڪيلي ڪرسٽين ڪوڪو هلندڙ سال 25 ملين ڊالر ڪمايا آهن ۽ 6هين نمبر تي آهي. هالي ووڊ جي مشهور ٽي وي سيريلز ۾ ڪم ڪندڙ اداڪاره ايلزبيٿ موز هلندڙ سال 24 ملين ڊالرز ڪمايا آهن. آسٽريلوي اداڪاره ۽ فلم پروڊيوسر مارگٽ روبي 23.5 ملين ڊالرز ڪمائي اٺين نمبر تي آهي. ڏکڻ آفريقا سان واسطو رکندڙ امريڪي اداڪاره شارليز ٿرون هلندڙ سال 23 ملين ڊالرز ڪمايا آهن. مشهور اداڪاره ۽ پروڊيوسر توڙي هدايتڪاره ايلن پومپيو 22 ملين ڊالرز ڪمائي ڏهيننمبر تي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *