اسپيڪر سومر تي غير آئيني عمل ڪيو ته دما دم مست قلندر ٿيندو: اپوزيشن جو چتاءُ

اسلام آباد (م.ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر بي اعتمادي رِٿ پيش ٿيڻ نه ڏني، اجلاس 28 مارچ تائين ملتوي ڪيو ويو آھي، اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي وئي، اسپيڪر اسد بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ نه ڏني، اسد قيصر دعا بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو آھي، اسد قيصر دعا بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو، اسپيڪر اسد قيصر قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آھي، وري ھاڻ قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر ڏينھن چار وڳي ٿيندو، اسد قيصر چيو ته اسيمبلي جي روايت آهي ته ڪنهن پارليامينٽ ميمبر جي فوت ٿيڻ تي اُنهي ڏينهن اجلاس ملتوي ڪيو ويندو آهي، آئون به اها روايت برقرار رکندي اجلاس ملتوي ڪريان ٿو، اپوزيشن جي اعتمادي رِٿ تي قانون تحت ڪارروائي ٿيندي، بي اعتمادي رِٿ پيش ٿيڻ بنا قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ٿيڻ بعد اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ بلاول ڀتو زرداري وچ ۾ ملاقات، رِٿ پيش نه ٿيڻ واري معاملي تي صلاح مشورا، گڏيل اپوزيشن طرفان جلد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪرڻ جا امڪان آھن،  ليگ جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته اسپيڪر عمران خان جو ٽول بڻجي ويو، آئين جي لتاڙ تي اسپيڪر آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي جو حقدار آهي، شهباز شريف چيو آهي ته دعا بعد پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ لاءِ اُٿي بيٺس، اسپيڪر ڏسڻ به گوارا نه ڪيو ۽ اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو، اسد قيصر عمران خان سان گڏجي سازش ڪري رهيو آهي، کيس وارننگ ڏيان ٿو ته سومر تي اهڙي حرڪت ڪئي ته پوءِ دما دم مست قلندر ٿيندو، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هي ڪهڙو ڪپتان آهي، جيڪو پِچ ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو، فوزيه وهاب جو لاڏاڻو ٿيو ته دعا بعد آئيني ذميواري پوري ڪندي وزيراعظم جي چونڊ لاءِاجلاس جاري رکيو هو، عمران خان اڪثريت وڃائي چڪو آهي، بي اعتمادي رِٿ تي عمل شروع ٿيو ته عمران خان اڳوڻو وزيراعظم ٿي ويندو، شهباز شريف چيو ته پاڪستان تاريخ جي انتهائي نازڪ موڙ تي آهي، هو علي الاعلان چوي ٿو ته جيڪڏهن اسپيڪر سومر تي غير آئيني ڪم ڪيو ته بي اعتمادي جي تقدس کي برقرار رکڻ لاءِ هر آئيني، قانون ۽ سياسي حربا استعمال ڪنداسين، پوءِ ڪو اسان کي نه چوي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *