اسپين باسڪٽ بال جو عالمي چمپئن بڻجي ويو

 

ميڊرڊ(اسپورٽس نيوز) اسپين باسڪٽ بال جو عالمي چمپئن بڻجي ويو آهي، فائنل ۾ ارجنٽينا کي پنهنجي هوم گرائونڊ ميڊرڊ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن ميڊرڊ ۾ کيڏيل باسڪٽ بال 2019ع جي فائنل ۾ اسپين ۽ ارجنٽينا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون. ٻنهي ٽيمن ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو، پر ڪاميابي اسپين جي نانءُ ٿي.32ملڪن جي هن ٽورنامينٽ جي ٽرافي اسپين کٽي ورتي آهي.شاندار ڪاميابي تي رانديگرن ۽ تماشائين ڀرپور جشن پڻ ملهايو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *