اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث رانديگر قوم جا ڏوهاري آهن انهن تي هميشه لاءِ پابندي لڳائڻ گهرجي: شاهد آفريدي

لاهور (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو اهي ته اسپاٽ فڪسنگ وڏو جرم آهي ان کي روڪڻ لاءِ ڏوهاري رانديگرن تي تاحيات پابندي هنئي وڃي سلمان بٽ 20 ڪروڙ عوام جو ڪپتان هو هن ڪروڙين پاڪستانين سان غداري ڪئي آهي هڪ انٽرويو ۾ شاهد آفريدي چيو ته اسپاٽ فڪسنگ تي 5 سالن جي سزا ڪافي نه آهي جيڪڏهن هڪ مثال ٺاهيو وڃي ها ته ڪوبه رانديگر اها حرڪت نه ڪري ها رانديگرن کان غلطي ٿي آهي ته ان رابطي جو ڇو نه ٻڌايو انهن ڇوڪرن سبب اسان تي اهڙي نظر رکي وڃي ٿي جيئن اسان سڀ قصوروار هجون 2010 کان پوءِ ڪرڪيٽ ٽيم جي جيڪا حالت ڪئي ويئي هئي ان کي سوچي به نٿو سگهجي اسپاٽ فڪسنگ سان پڙهائي جو تعلق نه پر گهر جي تعليم سڀ کان اهم هوندي آهي. والدين پنهنجي ٻارڙن جي تربيت جو صحيح طريقو اختيار ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *