اسپاٽ فڪسنگ ۾ معطل ڪرڪيٽر ناصر جمشيد کان وني به ڌار ٿي وئي

لاهور (اسپورٽس نيوز) اسپاٽ فڪسنگ جي الزام هيٺ معطل ڪرڪيٽر ناصر جمشيد ۽ ڊاڪٽر سمارا افضل ڌار ٿي ويا آهن. رپورٽ مطابق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان اسپاٽ فڪسنگ جي الزامن هيٺ معطل ڪيل اوپنر بيٽسمين ناصر جمشيد جي ازدواجي زندگي به ناڪام ٿي وئي آهي. اسپاٽ فڪسنگ ۾ ناصر جمشيد جو بچاءُ ڪندڙ سندس وني سمارا افضل هاڻي کائنس ڌار ٿي وئي آهي ۽ ان جي تصديق هن پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ ذريعي به ڪري ڇڏي آهي. سمارا افضل پنهنجي پروفائل تان ناصر جمشيد جو نالو به هٽائي ڇڏيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *