اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ شرجيل خان پنهنجي غلطي قبولي ورتي

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ سزا حاصل ڪندڙ اوپنر پي سي بي کي خط ۾ پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي.پي ايس ايل 2 جي شروعات تي سامهون ايندڙ اسڪينڊل ۾ شرجيل خان، خالد لطيف، شاهزيب حسن ۽ محمد عرفان جا نالا سامهون آيا هئا، پي سي بي اينٽي ڪرپشن ٽربيونل الزام ثابت ٿيڻ تي انهن کي سزائون ٻڌايون، ڪرڪيٽرن جون اپيلون به رد ٿيون، شرجيل خان تي اڍائي سال معطلي سميت 5 سالن جي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي.اوپنر پي سي بي چيئرمين احسان ماني سان ملاقات ڪئي جڏهن ته ان ۾ به هو ڪا رعايت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو هو، هاڻ شرجيل خان پي سي بي کي لکيل خط ۾ پنهنجي غطلي قبولي ورتي آهي، پابندي جو مدو ختم ٿيڻ تي ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ کيس پي سي بي جي اهتمام هيٺ بحالي پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻي پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *