اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ڪيس ۾ سزا يافته شرجيل خان جي سزا 10 آگسٽ تي ختم ٿيندي

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ سزا يافته ڪرڪيٽر شرجيل خان جي سزا 10 آگسٽ تي ختم ٿيندي. پي سي بي ترجمان موجب سزا مڪمل ٿيڻ تي شرجيل خان کي ري هيپ پروگرام مڪمل ڪرڻو پوندو جنهن لاءِ ڪرڪيٽر طرفان اڃا تائين ڪو به رابطو نه ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان چيو آهي ته ري هيب مڪمل ٿيڻ تي شرجيل خان کي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت هوندي. ٻئي پاسي ڪرڪيٽر شرجيل خان جي وڪيل شيغان اعجاز ٻڌايو ته ري هيپ پروگرام لاءِ جلد پي سي بي سان رابطو ڪنداسين . واضح رهي ته اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ڪرڪيٽر شرجيل خان تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪوڊ جي پنج شقن جي ڀڃڪڙين جو الزام هو جنهن کانپوءِ مٿس پنج ورهين تائين ڪنهن به قسم جي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *