اسپاٽ فڪسرن جي واپسي تي پاڪستاني ڪرڪيٽ برادري ورهاست جو شڪار

لاهور (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سيءَ ته سلمان بٽ، محمد آصف ۽ عامر تي اسپاٽ فڪسنگ جي ڪري مڙهيل پابندي هٽائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پر ٽنهي رانديگرن جي ملڪي ٽيم ۾ واپسي جي مامري تي پاڪستاني ڪرڪيٽ برادري ان مامري تي ونڊ ورهاست جو شڪار ٿي ويا آهن. ملڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف ان مامري تي ڳالهائيندي چيو ته اهڙي ڪنهن به قدم جي سخت خلاف آهي. مان هنن جي عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي جي حمايت نه ڪندس ۽ اهو به ته هو ڪنهن به اهڙي رانديگر جي جاءِ والارين جيڪو شايد سندن صلاحيت جيترو نه هجي پر ان ڪا غير اخلاقي حرڪت ناهي ڪئي ۽ نه ئي هو گھوٻين ۾ ملوث آهي. ان سان گڏوگڏ ملڪي ٽيم جي چيف سليڪٽر طور ڪم ڪندڙ محسن حسن خان به عامر، آصف ۽ سلمان بٽ جي ملڪي ٽيم ۾ واپسي جي سخت مخالفت ڪئي هن چيو ته ٽنهي يقينن پنهنجي سزا پوري ڪئي آهي، پر منهنجي خيال ۾ پنهنجي ملڪ طرفان کيڏندي ميچ کي وڪڻڻ يا فڪس ڪرڻ تمام وڏو ڏوهه آهي، ايئن ڪندڙ ٻيهر رحم جي لائق ناهن هوندا. اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪامينٽريٽر رميز راجا چيو ته موجوده ٽيم جي رانديگرن کان به پڇيو وڃي ته ڇا هو عامر سان کيڏڻ پسند ڪندا. ڪو به پاڪستاني رانديگر ۽ مصباح پاڪستان جي اميج کي وڏين محنتن کان پوءِ بهتر ڪيو آهي، جيڪو اهڙن رانديگرن کي کيڏائي سندن محنت تي پاڻي ڦيرڻ لائق هوندو. انهن سميت جاويد ميانداد، محمد يوسف، باسط علي، عامر سهيل ۽ ٻين پڻ ”اسپاٽ فڪسرن“ جي ملڪي ٽيم ۾ واپسيءَ تي سخت ڳڻتيءَ ۽ کٽڪن جا اظهار ڪيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *