اسٽيٽ بينڪ جو به پيراڊائز ليڪس ۾ آيل پاڪستانين خلاف ڪارروائي جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مرڪزي بينڪ به پيراڊائز ليڪس ۾ نالا ايندڙ پاڪستانين خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آءِ سي آءِ جي طرفان جاري پيراذائز ليڪس پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر هلچل مچائي ڇڏي آهي جنهن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم شوڪت عزيز جو نالو به آهي جڏهن ته ان کان سواءِ  ٻين پاڪستاني شخصيتن جا نالا به سامهون آيا آهن. گذريل ڏينهن فيڊرل بورڊ آف روينيو پيراڊائز ليڪس ۾ ايل پاڪستانين خلاف جاچ جو اعلان ڪيو هو. ميڊيا رپورٽن موجب اسٽيٽ بينڪ جي گورنر اشرف محمود وٿرا چيو آهي ته پيراڊائز ليڪس جي ڊگهي فهرست آهي جنهن جو جائزو وٺي رهيا آهيون ۽ ان ۾ پاڪستانين جي نالن جو جائزو وڍي رهيا آهيون. هن چيو ته پيراڊائز ليڪس ۾ آيل 135 پاڪستانين جا نالا شامل آهن، ڏٺو ويندو ته اهي پاڪستاني شهري آهن يا نه، انهن کان پڇيو ويندو ته هنن جيڪا سيڙپڪاري ڪئي ان لاءِ پيسا ڪيئن ٻاهر موڪليا ويا، ان پيسي تي ٽيڪس ڏنو ويو يا نه. اشرف وٿرا وڌيڪ چيو ته انهن ماڻهن کان آمدن جا ذريعا گهريا ويندا ۽ ان لاءِ نوٽس جي صورت ۾ سوالنامو موڪليو ويندو، جيڪڏهن ثابت ٿيو ته مني لانڊرنگ جي ذريعي پيسا ويا ته اهڙن ماڻهن خلاف پاڪستاني قانون موجب ڪارروائي ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *