اسٽيٽ بينڪ جو ايندڙ ٻن مهينن لاءِ وياج جي شرح 13.25 برقرار رکڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ايندڙ ٻن مهينن لاءِ وياج جي شرح 13.25 سيڪڙو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو، اسٽيٽ بينڪ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو، وياج جي شرح کي برقرار رکيو ويندو، بيان ۾ چيو ويو آهي ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو هي فيصلو مهانگائي جي حوالي سان کنيل قدمن جي اثرن جو نتيجو آهي جيڪو هڪ پاسي بلند سطح تي آهي، ٻئي پاسي ان جي نتيجي ۾ غذائي جنسن جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي جيڪا امڪاني طور تي عارضِي هوندي، اسٽيٽ بينڪ جي مانٽري پاليسي ڪميٽي موجب مالي سال 2020 جي حوالي سان مهانگائي جي شرح بدستور 11 کان 22 سيڪڙو تي برقرار آهي جيڪا زري پاليسي کي برقرار رکڻ جو هڪ سبب آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ مالي حوالي سان بهتر فيصلن سبب مارڪيٽنگ جي صورتحال آهستي آهستي بهتر ٿي آهي، وياج جي شرح کي برقرار رکڻ جي فيصلي جي حوالي سان اسٽيٽ بينڪ چيو آهي ته هن فيصلي لاءِ مانٽري ڪميٽي گذريل اجلاس ۾ کنيل قدمن تي غور ڪيو جيڪو مهانگائي جي زري پاليسي تي ٻڌل هو، ياد رهي ته اسٽيٽ بينڪ 16 جولاءِ تي هڪ اجلاس م وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جيڪو 16 سيپٽمبر تي به برقرار رکيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *