اسٽيٽ بئنڪ نئين مانيٽري پاليسي جاري ڪندي سود جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان نئين مانيٽري پاليسي جاري ڪندي سود جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ سود جي شرح 13.25 سيڪڙو ٿي وئي. ڪراچي ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ايندڙ ٻه مهينن لاءِ مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي چيو ته سود جي شرح ۾ واڌ مهانگائي کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي، جيڪا 17 جولاءِ کان لاڳو ٿيندي. هن چيو ته سود جي شرح ۾ 120 پوائنٽن جي اضافي ٿيڻ سان ڪجهه عمل اهڙا آهن، جن سبب مهانگائي ۾ واڌ ٿيندي، جڏهن ته ڪجهه عملن سبب انفليشن ۾ به گهٽتائي جو امڪان آهي، مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو گذريل اجلاس 20 مئي تي ٿيو هو، جنهن کانپوءِ مٽاسٽا جي شرح ۾ تبديلي آئي، جنهن سبب مهانگائي تي به اثر ٿيو. سندس چوڻ هو ته بجيٽ ۾ گئس، بجلي ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ ٻين قدمن سبب ايندڙ ٻن ٽن مهينن ۾ اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافي جو امڪان آهي، مهانگائي وڌڻ سان گڏ ڪجهه عمل اهڙا آهن، جن بابت اسان غور ڪيو آهي ته سود جي شرح ۾ اضافو نه ڪرڻ گهرجي، ان ۾ گهرج ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، ٻيو اهو ته مالياتي بجيٽ ۾ ٽيڪس وصولين ۽ قيمتن ۾ اضافي سبب واهپيدارن جي خريد جي قوت ۾ گهٽتائي ايندي، جنهن ۾ مهانگائي گهٽجندي، انهن ٻنهي عملن جي بنياد تي هلندڙ مالي سال مهانگائي ۾ 11 کان 12 سيڪڙو تائين واڌ جو امڪان آهي، جنهن سبب سود جي شرح ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو. رضا باقر ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ ڪجهه اضافو ٿيندو پر اسان جو ڪاٿو آهي ته ٻين ٽن مهينن ۾ مٽاسٽا جي شرح ۾ گهٽتائي ايندي، جون 2020 کان شروع ٿيندڙ مالي سال ۾ مهانگائي جي شرح ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي ايندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *