, اسٽيل ٽائون پوليس هٿان مارجي ويل جساف اڳواڻ حنيف سومرو ۽ جاني ڀٽي جي چاليهي جو جلسو گلشن حديد ۾ ٿي گذريو, اسٽيل ٽائون پوليس هٿان قتل ٿيل حنيف سومرو ۽ جاني ڀٽي سنڌ جا قومي هيروز آهن؛ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

ملير(رپورٽ عرفان ميمڻ) گلشن حديد ۾ اسٽيل ٽائون پوليس هٿان پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل جساف اڳواڻ حنيف سومرو ۽ جاني ڀٽي جي چاليهي جو جلسو گلشن حديد ۾ ٿيو، جلسي کي جسقم جي سينيئر وائس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگر حنيف بڙدي، صفدر تنيو، عبدالباقي بروهي، نويد مگسي، شفيق ٻگهيو، ڪاشف شر، مظهر بليدي، جي ايم سيال، ثاقب انصاري، عاشق لغاري ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته اسٽيل ٽائون پوليس هٿان قتل ٿيل حنيف سومرو ۽ جاني ڀٽي سنڌ جا قومي هيروز آهن. پوليس رياست جي چوڻ تي اسان جي دوستن مٿان الزام هڻي انهن کي قتل ڪري ڪارڪنن کي ڊيڄارڻ چاهي ٿي. اسٽيل ٽائون پوليس کي شرم اچڻ گهرجي جن اسان جي قومي ڪارڪنن کي گلشن حديد مان گرفتار ڪري قتل ڪيو. الطاف حسين ڪالهه پاڻ کي سنڌ جو حلالي پٽ سڏرائي رهيو هو اوچتو پاڻ کي مهاجرن جو ليڊر ڪنهن جي چوڻ تي چيو آهي ۽ هن سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪنهن جي چوڻ تي ڪئي آهي. الطاف حسين ايم ڪيو ايم/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 54

جي گرفتار ڪارڪنن تي رڙيون ڪري رهيو آهي، سڄي دنيا کي اها خبر آهي ته تحفظ پاڪستان بل ۾ رينجرز کي اختيار ڏيڻ واري بل تي الطاف حسين جي جماعت پڻ صحيحون ڪيون آهن. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي، ڪو به حلالي پٽ سنڌ جي ورهاڱي واري گار برداشت نه ڪندو، جيڪڏهن سنڌي چاهن ته سڄي ڪراچي جا چوڌاري روڊ رستا بند ڪري ايم ڪيو ايم وارا ساهه به نه کڻي سگهندا. ڊاڪٽر نياز وڌيڪ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا وڏيرا غدار آهن، اسيمبلي ۾ پيش ڪيل قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت سان سنڌ ورهائي سگهجي ٿي. ڊاڪٽر نياز چيو ته اسان اسيمبلي ميمبرن کي خبردار ڪرڻ چاهيون ٿا ته سڄي سنڌ اسيمبلي گڏ ٿي سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندي ته به اسان کي سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي. هن چيو ته سنڌ غلام آهي ۽ غلاميءَ جي ڪري سنڌين کي اهڙيون گاريون ڏنيون وڃن ٿيون. جلسي کي ساگر حنيف بڙدي، عبدالباقي بروهي، صفدر تنيو ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *