اسٽيل مل جا گئس ڪنيڪشن ڪاٽڻ سوچيل سمجھيل سازش آهي: شيري رحمان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پپلزپارٽي پارليامينٽرينزجي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان ، سئي سدرن گئس ڪمپني طرفان هڪ طرفي ڪارروائي ڪندي لاڳاپيل ڌر سان بنا ڪنهن اڳواٽ صلاح مشوري جي پاڪستان اسٽيل ملز جا سمورا گئس ڪنيڪشن ڪاٽڻ تي انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، جاري ڪيل هڪ بيان ۾  پاڪستان پپلزپارٽي پارليامينٽرينزجي نائب صدر چيو ته سئي سدرن گئس ڪمپني جو اهو عمل هڪ طرفو ۽ سوچيل سمجھيل سازش لڳي ٿي جنهن مان وفاقي حڪومت جي تعصباڻي رويي جي عڪاسي ٿئي ٿي گڏوگڏ اهو عمل جمهوري قدرن ۽ مشاورت جي به نفي ڪري ٿو. هن چيو ته معاملي جي بهتر حل لاءِ لاڳاپيل ڌرين سان ڪو به صلاح مشورو ڪرڻ کانسواءِ ۽ بنا ڪنهن منصوبابندي جي اسٽيل ملز جي گئس فراهمي بند ڪرڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته وفاقي حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز جي 16 هزارن کان وڌيڪ ملازمن جي مسئلن کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو آهي، شيري رحمان وڌيڪ چيوته لکين ماڻهن جو گذر سفر اڻ سڌي ريت پاڪستان اسٽيل ملز سان ڳنڍيل آهي، تنهن ڪري وفاقي حڪومت کي پاڪستان اسٽيل ملز کي گئس جي فراهمي بند ڪرڻ کان اڳ ۾ گھٽ ۾ گھٽ لاڳاپيل ڌرين سان صلاح مشورويا ڳالهه ٻولهه ضرور ڪرڻ گھرجي ها، هاڻي اهو معاملوگڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ وڃڻ گھرجي، سنينٽر شيري رحمان چيو ته  جيڪڏهن انهي معاملي ۾ شفافيت کان ڪم نه ورتو ويو آهي ته پوءِ اهو چوڻ گھرجي ته وفاقي حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن پنهنجي من پسندن کي هي اهم قومي اثاثو ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪري ڏجي. هن چيو ته عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف کي ڊسمبرڌاري پاڪستان اسٽيل ملزکي خانگائڻ جي پڪ ڏني وئي آهي ۽ سئي سدرن گئس ڪمپني جو اهو قدم وفاقي حڪومت جي سوچيل سمجھيل منصوبا بندي تحت ئي کنيو ويو آهي، هن چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز اڳ ئي گئس جي گھٽ پريشر سبب بحران جو شڪار آهي ۽ هاڻي ته ان جي پيداوار مڪمل طور تي تباه ٿي ويندي جنهن کي ٻيهر ٺيڪ ڪرڻ ۾ 3 کان 4 سال لڳندا، شيري رحمان چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو تصور هوجنهن هن قومي اداري جو بنياد رکيو، تنهن ڪري هن قومي اداري کي ختم ڪرڻ لاءِ رات جي اونداهي ۾ کنيل ڪنهن به هڪ طرفي قدم خلاف سمورن آئيني فورمن تي آواز اٿاريو ويندو، هي صرف ڪو اڏاوت جو شاهڪار نمونو يا وري ريئل اسٽيٽ ڪامپليڪس ناهي پر هن اداري سان 17 هزار کان وڌيڪ خاندانن جو ماني ڳڀو جڙيل آهي ۽ گڏوگڏ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪراچي ۾ پنهنجي گذر سفر لاءِ ايندڙن جي لاءِ اتساه ۽ ٻڌي جو اهڃاڻ به آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *